غزا جي فلسطينين ٿي اسرائيل جا ظلم

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

غزا جي پٽي فلسطين جو اھو تاريخي علائقوآھي.جنھن تي اسرائيل جي فوج ڇھن مھينن کان وٺي بارود جي برسات وسائي رھي آھي۔جنھن سبب فلسطين جا ٻار،جوان ۽  ٻڍا اٽڪل پنجٽيھه ھزارن کان وڌيڪ شھيد ٿي چڪا آھن۔اسرائيل جي وحشت مان ايئن لڳي رھيوآھي ته ھوڄڻ پاڻ تي ٿيل ھٽلر جي  ظلمن جوحساب غزا جي فلسطيني عوام کان وٺي رھيوآھي۔

اسرائيل جو موجوده جنگي جنون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڪابه پرواهه نه ڪندي روزانو انسانيت جا ليڪا لتاڙي رھيو آھي۔اسرائيل جي موجوده وحشت مان اھا پڪي پروڙ پوي ٿي ته ھو ھرحال ۾غزا جي اصلي وارثن کي ماري ختم ڪرڻ يا اتان نيڪالي ڏيئي اتي اسرائيلي ڀاڄوڪڙن کي آباد ڪري صيحوني آباديءَ جي انگ ۽ سرحدن ۾وسعت ڪرڻ چاھي ٿو۔

ٻئي طرف فلسطيني عوام ڪڏھن پي ايل او ڪڏھن الفتح ته ڪڏھن حماس جي شڪل ۾اڪيلي سر اسرائيل۽ اولهه سان منھن ڏيندو پيو اچي۔آمريڪا جو سفيد ھاٿي فلسطينين جي حق ۾اسرائيل خلاف گڏيل قومن جون درجنين ٺهراءُ ويٽو جي تلوار سان قتل ڪري چڪوآھي۔ ھينئر غزا جو عوام اسرائيل جو ٻٽوظلم سھي رھيوآھي۔ھڪ بي حساب بمباري ۽ ٻيو دوائن ۽کاڌ خوراڪ جي کوٽ سان شھادتون ماڻي رھيا آھن۔مغرب ۽آمريڪاجي نظر ۾ھرملڪ جيڪو اسرائيل جو مخالف آھي۔ اھو دھشت گرد آھي ۽ اسرائيل جو ھر ظلم ان جو دفائي حق آھي۔حماس غزا ۽ فلسطيني عوام جي آزاديءَ واري حقيقي بچاءِ واري ويڙھي کي بچائي رھي آھي۔

حماس1987تي وجود۾آئي آھي۔جنھن جو خاص مقصد فلسطين کي اسرائيل جي ظلمن کان آزادي ڏيارڻ آھي۔تازه جنگ۾حماس اسرائيل جا درجنين فوجي۽ عام ماڻھو قيدي بڻايا آھن۔ تڏھن به اسرائيل حماس سان ڳالھين ڪرڻ لاءِ  تيارناھي ۽ اڳواٽ غير مشروط طور جنگي قيدي آزاد ڪرائڻ تي ضد ڪري بيٺوآھي۔حماس جوچوڻ آھي ته ھو اسرائيل خلاف انتفاده جي جنگ وڙھي رھي آھي۔ انتفاده جي جدوجھد فلسطيني عوام جي حمايتي آھي۔ ان جومقصد اسرائيل سان ھٿيار بند ويڙھ وڙھڻ آھي۔جنھن جواصل مقصد آزاد فلسطيني رياست جوقيام ممڪن بڻائڻ آھي۔حماس 2007۾غزا پٽيءَ جوانتظام سنڀاليوآھي۔حماس جو پورو نالو حرڪت القوام الاسلاميه آھي۔اھا فلسطيني سني سياسي ۽ فوجي تنظيم آھي۔اھا اسرائيلي قبضي ھيٺ غزا پٽيءَ ۾ڪم ڪري رھي آھي۔سندس مرڪزي دفتر غزا ۾آھي۔ان تنظيم جوباني احمد ياسين آھي۔ھي تنظيم اسرائيل آمريڪا ۽ اولهه لاءِ  ھڪ دھشتگرد تنظيم آھي۔ غزا پٽيءَ جون سرحدون140ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھن۔ ميڊيٽيرين سمنڊ سان سرحدون لڳندڙ پٽيءَ جي اتر ۾سينا جورڻ آھي۔غزا جي پٽي ڪنھن به ملڪ جو غير اعلانيل علائقوآھي۔حماس جو چوڻ آھي ته ھن اسرائيل تي ان ڪري حملو ڪيوآھي ته ھن فلسطين ۽ غزا جي مسلسل ناڪا بندي ڪري رکي آھي۔مسلسل اسرائيلي قبضو ڌاري آبادڪاري مسجد اقصيٰ فلسطيني مھاجرن ۽ قيدين تي اسرائيل پاران بار بار حملا ڪرڻ به حملي جوسبب آھن۔آڪٽوبر2023جي ھڪ اندازي مطابق حماس وٽ چاليهھ ھزار ويڙھاڪ مجاھد آھن۔جن ۾سائيبر ۽ سامونڊي ويڙھ ۾مھارت رکندڙ ماھر به آھن۔موجوده جنگ ۾ 604 اسرائيلي فوجي ماريا ويا آھن۔جن۾ٻه سئو فوجي زميني جنگ ۾ماريا ويا آھن۔آڪٽوبرکان پوءِ  اسرائيل پنھنجون فوجون غزا مان واپس گھرايون آھن۔ھينئر اسرائيل جو ھوائي حملن تي زور آھي۔اسرائيل اھو به اعلان ڪيوآھي ته جنگ جو مقصد پورو ٿيڻ کان پوءِ 98ڪمانڊو ڊويزن کي به واپس گھرايو ويو آھي۔جيئن مستقبل جي تياري ڪري سگھجي۔اسرائيل مغرب جي حمايت سان حماس خلاف وڙھي رھيو آھي۔

جڏھن ته حماس کي لبنان جي شيعا تنظيم حزب الله جي ميزائيلن جي حمايت حاصل آھي۔جيڪا اسرائيل جي اترين علائقن کي نشانو بڻائي رھي آھي۔خابرو ادارا اھو به ٻڌائين ٿا ته حماس ڳالهيون ڪندڙن کي اھا به آڇ ڪئي آھي ته جيڪڏهن اسرائيل سمورا فلسطيني قيدي آزاد ڪري ته ھوبه اسرائيلي قيدي آزاد ڪندا۔ڄاڻو ذريعا اسرائيل جي ان دعويٰ کي به ورجائين ٿا ته ھن ھيل تائين حماس جا 13000 ويڙھاڪ ماريا آھن۔پر پوءِ  به حماس پوري قوت سان رفعا ۾جنگ وڙھي رھي آھي۔29 جنوري 1962ع ۾ پيدا ٿيل فلسطيني سياستدان اسماعيل ھانيه حماس جي فوج ۽ سياسي قيادت ڪري رھيوآھي۔ جيڪو ڪن اطلاعن مطابق ھينئر قطر ۾رھي ٿو۔ غزا پٽيءَ جون اولھه واريون سرحدون فلسطين سان ملن ٿيون۔جتي پنجاهه لک فلسطيني رھن ٿا۔ حماس ست آڪٽوبر2023 تي اسرائيل تي اوچتو حملو ڪيو۔جنھن کي يھودين جو پاڪ ڏينھن چيو ويندو آھي۔حملي ۾راڪيٽن جو استعمال ڪيو ويو۔ موجوده جنگ کي ھيل تائين ڇھن مھينن جو عرصو ٿي چڪو آھي۔حماس اوچتو حملو ڪري اولهه ۽ اسرائيل کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو۔جواب ۾اسرائيل حماس خلاف بي رحمانه ڪارروايون ڪري رھيوآھي۔ جنھن ۾اسرائيل حماس جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن۔جنھن سان غزا ۾تيل خوراڪ دوائون ۽ ھٿيارن جي قلت ٿي پئي آھي۔جنھن کان ٽيويھه لک فلسطيني متاثر ٿي رھيا آھن۔سندن مشڪلاتن ۾روزانو اضافو ٿي رھيوآھي۔ گڏيل قومن واري اداري چواڻي ته غزا جا ڪيترا علائقا انساني حادثن کي منھن ڏئي رھيا آھن۔ ھوائي حملا ۽ زميني جنگ انساني رت لاءِ  مسئلا وڌائي رھي آھي۔جنھن کان عام شھري گھڻو متاثر ٿي رھيا آھن۔ان جنگ۾22مارچ تائين 32000ھزار ماڻھو ۽ 12000ٻارشھيد ٿيا آھن۔اسپتالون ۽ شھري آباديون تباهه ٿي ويون آھن۔جنگ ۾ھزارين ماڻھو پنھنجن خاندانن کان وڇڙي ويا آھن۔ جنگي حدن ۾ اڃان به اسرائيل جومڪمل قبضو نه ٿي سگھيو آھي۔ اسرائيل ھن جنگ ۾اشور بحري بندر استعمال ڪري رھيوآھي۔ عالمي ادارا ھن جنگ ۾وڏي تباھيءَ جا اطلاع ڏئي رھيا آھن۔ گڏيل قومون، عرب ليگ، اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۽ ٽين دنيا جا ملڪ لا تعلقيءَ بيوسيءَ سبب چپ جو روزو رکي ڇڏيوآھي۔سٺ جي ڏھاڪي ۾گولان جون ٽڪريون اردن درياهه جو اولاهون ڪنارو مصر جي سينا رڻ جو ڪجهھ حصو ۽ لبنان جا ڪجهھ سرحدي علائقا قبضي ۾ڪري جنھن عظيم اسرائيل جو بنياد رکيوويو ھيو۔موجوده جنگ جون حالتون ڄڻ ته عظيم اسرائيل جي پورائي ڏانھن وڌي رھيون آھن۔جنھن سان جنگ جو دائرو وڌي عالمي امن لاءِ  خطرو پيدا ڪري سگھي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.