ھٿيار اسمگلنگ وارو معاملو ۽ اهلڪارن خلاف انتقامي ڪارروائي

تحرير: ذلفي چاچڙ

سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ جديد ۽ جنگي ھٿيار ڏسي نه رڳو عام ماڻھو حيران ٿيندا رھيا، پر ڪجھه ڏھاڙا اڳ ان قسم جي حيراني ۽ پريشاني جو اظھار سنڌ جي وڏي وزير پڻ ڪيو ھو ته” سمجهھ ۾ نٿو اچي ته ڌاڙيلن وٽ اھڙا جديد ۽ جنگي ھٿيار ڪيئن ٿا پھچن“ ؟

سنڌ جي وڏي وزير جو اھڙو بيان نه رڳو سنڌ سرڪار پر سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي جو به ڄڻ اعتراف ھو. جيڪڏھن اسان رڳو سنڌ جي چئن ضلعن ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي جاگرافي بيھڪ ڏسنداسين ته اسان کي چئني ضلعن ۾ ھڪ سئو جيترا رستا به ڏسڻ ۾ نه ايندا. جتان ڌاڙيلن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو آھي. جيڪڏھن انھن رستن تي مڪمل ناڪابندي ڪري سخت چيڪنگ ڪئي وئي ته نه صرف ڌاڙيلن تائين ھٿيار پھچڻ بند ٿي ويندا پر ان سان گڏ ڏوھن ۾ پڻ واضح گھٽتائي اچي ويندي.

عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايئن ڇو نٿو ڪيو وڃي. ان سوال جو جواب تازو پيش آيل واقعي مان اسان کي ملي چڪو آھي.

جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي سرڪاري پروٽوڪول ۾ پڪڙيل غير قانوني ھٿيار، جنھن لاءِ اھو چيو پيو وڃي ته اھي ڌاڙيلن تائين پھچايا پئي ويا ۽ ان واردات ۾ صوبائي صلاحڪار جو پٽ ملوث نڪتو.  ھٿيار اسملنگ وارو معاملو سامھون اچڻ کان پوءِ حڪمران پارٽي جو اصل، عوام ۽ امن دشمن چهرو به واضع ٿي چڪو آھي جنهن  ٻين ڪيترن ئي سوالن کي پڻ جنم ڏنو آھي.

چيو پيو وڃي ته جيڪب آباد پوليس ھٿان پڪڙيل ھٿيار بلوچستان کان سنڌ ۾ آندا پئي ويا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بلوچستان جي ننڍن ۽ عام شھرن ۾ ڪابه ھٿيار ٺاھيندڙ ڪمپني ناھي ۽ ان سان گڏ بلوچستان جون حالتون اھڙيون آھن جو وک وک تي اسان کي چيڪ پوسٽون ڏسڻ ۾ اينديون. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تي وڃڻ لاءِسيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي پنھنجي مڪمل سڃاڻپ ۽ چيڪنگ ڪرائڻ  کان پوءِ سيڪيورٽي ادارن کان ڪليئرس حاصل ڪرڻي پوندي آھي ۽ ٻئي چوڪي کي اوھان جي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏنو ويندو آھي ته ”پوءِ آخر اھي ڪھڙا ”صلاحڪار “آھن، جيڪي اھڙي سخت سيڪيورٽي ۾ به بلوچستان ۾ ھٿيارن جا دوڪان کوليو ويٺا آھن؟ اهو سوال پڻ اهڙو ئي متيون منجهائيندڙ آهن، جيئن اڳ ۾  اهو سوال پريشان ڪندو هو ته ڌاڙيلن وٽ خطرناڪ هٿيار ڪيئن ٿا پهچن.

غير قانوني هٿيار پڪڙجن کان پوءِ اصولي طور تي ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته هيٺ کان مٿي تائين جاچ ڪئي وڃي ها ته انهن هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ڪنهن ڪنهن جو هٿ آهي، ڇو ته اهي هٿيار بلوچستان ۾ ويڙهاڪن جي ور پڻ چڙهي سگهن ٿا، جنهن سان سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي جاني نقصان ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ڪيئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي قتل ڪري چڪا آهن، پر ٿئي ان جي بلڪل ئي ابتڙ ٿو. جوابدارن کي بچائڻ لاءِ مٿان کان دٻاءُ اچڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ان ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي شاباس ۽ انعام ڏيڻ جي بدران کين سزا طور ضلعي بدر ڪرڻ جون تياريون  ڪيون پيون وڃن.

جيتوڻيڪ صوبائي صلاحڪار استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي پر سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ھن ڀيري به اھڙي طرح خاموشي اختيار ڪئي آھي، جھڙي طرح  اھي پريا ڪماري جي اغوا تي ڪئي ھئي.

شھيد ناظم جوکيو، احسان کوسو، ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۽ پريا ڪماري جي اغوا جا پيرا ھڪ اھڙي پارٽي ڏانھن وڃن ٿا، جنھن کي سنڌي ماڻھن ڪيئي ڪوتاهين ۽ ڪرپشن جي باوجود به عام چونڊن ۾ چار ڀيرا ڪامياب ڪري اقتدر جي مسند تي پھچايو آهي، ان جو اھو سياسي ۽ اخلاقي فرض آھي ته پنھنجي صفن مان ڏوھاري ۽ ڪرمنل ماڻهن کي ٻاھر ڪڍي ۽ عوام کي مڪمل تحفظ فراھم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.