ڪڻڪ خريداري ۾ رنڊڪ بڻيل خوراڪ کاتو!

تحرير: پيار علي چانڊيو

سنڌ جي معيشت گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي سنگين صورتحال ۾ ڦاٿل آھي وقت به وقت آبادگار مشڪلاتن کي منھن ڏيندو پيو اچي زرعي پاڻي جي کوٽ،  ڀاڻ،  توڙي ٻج ۽ جنسن جي اگھن جي مند ۾ حتمي فيصلا نه ٿيڻ ۽ زراعت کاتو سرڪار جي حڪمن تي عمل درآمد نه ڪرڻ ئي معيشت تي ناڪاري اثر وجھن ٿا سنڌ ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل تيار ٿي ويو آھي ۽ لابارن کان ويندي ٿريشر مشين جو سلسلو شروع آھي پر زراعت کاتي ھن وقت تائين خريداري لاءِ  ڪنھن به شھر ۾ پاسڪو سينٽر نه کوليا آھن جي ڪجھه  سينٽر کليا به آھن ته صرف نالي ماتر آھن جتي آبادگارن سان بارداني ڪڻڪ ڪوالٽي ۽ اگهھ جو جواز ڄاڻائي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جنھن سان آبادگارن ۾ مايوسي ڇانيل آھي ۽ گذريل سال وارا اُھي خدشا برقرار آھن ته جيڪڏھن سينٽرن تائين ڪڻڪ ڪنھن صورت ۾ پھتي به ته ننڍن آبادگارن کي ڪٽوتين جي آڙ ۾ ڦريو ويندو ۽ اھڙي طرح ڪڻڪ جي سيزن ۾ آبادگارن کي اگھن کان ويندي بارداني واري پريشان صورتحال کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي

سنڌ سرڪار ۽ زراعت کاتي جي غلط پاليسن سبب ھيل به ساڳيا خدشا ڪر کنيون بيٺا آھن ڇو ته ھر سال جيان سرڪاري اگھه مقرري کان ويندي سرڪاري خريداري سينٽر جي باضابطا طور خريداري نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جا آبادگار معاشي قتلام جو شڪار رھندا آيا آھن سنڌ سرڪار نئين سال 2024 ۾  ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه 4  ھزار روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ڪجھه  وقت اندر ئي ٻيو ليٽر جاري ڪري 45 سئو روپيا مقرر ڪري آبادگارن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو ويو جيڪو سٺو سنوڻ آھي پر ھتي آبادگارن کي اھڙي رليف ملڻ کان اڳ وري به ساڳيا سوال اڀري رھيا آھن ته ڪڻڪ خريداري سرڪاري سينٽرن کي اڃا تائين تالا لڳل آھن ۽ اھي تالا تڏھن کلندا آھن جڏھن ڪڻڪ جو %50 سيڪڙو فصل خانگي واپاري خريدي چڪا ھوندا آھن ۽ باقي ڪڻڪ سرندي وارن سرمائيدارن جي ھوندي آھي جن کي خريدي سرڪاري ٽارگيٽ پورو سرڪاري گدام ڀريا ويندا آھن.

ھينئر اپريل مھيني ۾ لاڙ توڙي اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل مارڪيٽن ۾ پھچي چڪو آھي جنھن کي خانگي واپاري خريدي رھيا آھن پر زراعت کاتي طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وئي آھي جنھن جو نقصان وري به صرف ننڍن آبادگارن کي ٿي رھيو آھي جيڪڏھن ڪنھن به ھنڌ ڪو سرڪاري سينٽر کليل به ھوندو ته اتي به بارداني جي دانھن ڪُوڪ ضرور ٻڌڻ ۾ پئي ايندي آھي جيڪو ھر سال جو معمول بڻيل ھوندو آھي سرڪار ھر سال ڪڻڪ کي خريدڻ جو حدف ڏيندي آھي پر اھو حدف فوڊ سينٽر سرمائيدار زميندارن کان ڪڻڪ خريد ڪري پورو ڪندا آھن ۽ اھڙي طرح وري به سرڪاري سينٽرن جا دروازا ننڍن آبادگارن لاءِ   بند ھوندا آھن جنھن جو ازالو ذميوار کاتي توڙي سرڪار نه ڪري سگھي آھي .

ھاڻ به اھو ئي افسوس ڪري سگھجي ٿو ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي سندن فصل جو صحيح اگھه نه ٿو ڏنو وڃي ڇا اهو آبادگارن سان ظلم ناهي جو هن وقت تائين ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري سينٽر ناهن کلي سگهيا ھونئن به جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جي سٺي پيداوار ٿيندي آهي ته حڪومت سنڌ جي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو الائي ڇا ٽارگيٽ بيھندو آھي هارين ۽ آبادگارن کي هر سال اهو يقين ڏياريو ويندو آهي ته ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو حڪومتي سينٽر خريد ڪندا پر افسوس سڀ اهي دعوائون ڪوڙ ثابت ٿينديون آهن ڇو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري سينٽرن تان آساني سان باردانو ناهي ملي سگھندو ۽ سموري سنڌ جا ننڍا آبادگار بارداني نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر ايندا آهن ڪڻڪ وارو سڀ باردانو ڪڻڪ جي انهن واپارين کي ڏنو ويندو آھي جيڪي هارين جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کان سٺي اگهه ۾ ڪڻڪ خريد ناهن ڪندا انهن منافعي خور واپارين ۾ هاري دوست وارو جذبو نظر نه ايندو آھي هر سال ڪڻڪ جو فصل لهڻ سان انهن سان مسئلا پيدا ڪيا ويندا آهن. واپارين هڪ هٽي جي ڪري آبادگارين کي پنهنجي محنت جو اصل معاوضو نه ٿو ملي ان کان سواءِ آبادگارن کي ڪڻڪ جي لاءِ  بارادنو نه ملڻ جون شڪايتون به هونديون آهن سنڌ جي سرڪاري سينٽرن تي ايتري قدر بدعنواني ۽ ڪرپشن جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي جو هر سينٽرن تي سياسي بنياد تي سياسي ماڻهن کي باردانو ڏنو ويندو آهي عام هاري کي اهو چيو ويندو آهي ته توهان پنهنجو باردانو استعمال ڪري ڪڻڪ سينٽرن تي کڻي اچو ته خريد ڪنداسين ڇا اهو بدعنواني جو مظاهرو ناهي فود ڪنٽرول ۽ خوراڪ کاتي جا بالا آفيسر ۽ انسپيڪٽر ڪهڙي مرض جي دوا آهن جو ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڪڻڪ لاءِ  باردانو به  نه ٿو ملي جنهن تي آبادگار دانهون ڪوڪو ڪندا رهن ٿا پر انهن جي دانهن جو ڪو به فرق نه ٿو پوي .

خوراڪ کاتي جون اهڙيون ارھ زورايون وڏڻ ڪري هاري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ڪڻڪ جوسرڪاري اگھه 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي پر آبادگار 3200 تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ   آتا آھن جن کي پڻ ڪانٽا واپاري مختلف ٽيڪس ڪٽوتين سان ڦري رھيا آھن آبادگارن ۽ ھارين سان اهڙي ويڌن ڪو پهريو ڀيرو نه ٿي آھي پر سنڌ جي آبادگارن سان هر سال هر فصل لهڻ سان جيڪو ظلم ٿيندو آهي ان ظلم کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي هر فصل لهڻ سان هاري ۽ آبادگار وڏي مشڪلات جو شڪار ٿيندي ڏٺو ويو آھي

هر سال مارچ ۽ اپريل ۾ هن قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ڪڻڪ لهڻ سان سرڪاري سينٽر دير سان کوليا ويندا آھن ۽ بارداڻو هڪ دم گم ڪيو ويندو آهي حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن جي سرپرستي سان هارين ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ جي واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو آهي ٿيڻ ته ائين گھرجي ته خوراڪ کاتي طرفان سرڪاري سينٽر کولي ايمانداري سان ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي بارداڻو ڏئي ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وڃي هر سفارش ۽ رشوت وارو نظام بند ڪيو وڃي خوراڪ کاتي جي ايمانداري سان هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگھه ملڻ گھرجي ائين ٿيڻ سان انهن ۾ خوشحالي وارو ماحول پيدا ٿي پوندو ڇو ته سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پھريان ئي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ  پريشان آهن انھن جي تڪليف جو ازالو صرف وقت سر ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ مناسب اگهه ڏيڻ آھي  پر ممڪن ڪيئن ٿئي اھو خوراڪ کاتي لاءِ   ھڪ سواليا نشان اھي پر ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ڇا خوراڪ کاتو ڪڻڪ آبادگارن جو احتصال ڪندو يا معاشي قتلام جاري رکندو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.