ايران-اسرائيل تڪرار: پاڪستان پاران اولهه کان ايندڙ جهازن جي نگراني شروع

اسلام آباد ( م ڊ ) ايران-اسرائيل تڪرار: پاڪستان اولهه کان ايندڙ جهازن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي، ايران جي اسرائيل تي جوابي حملي کانپوءِ پاڪستان ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي فضائي حدن خاص ڪري اولهه طرف کان ايندڙ اڏام جي نگراني شروع  ڪري ڇڏي آهي.سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) ذريعن ٻڌايو آهي ته نئين صورتحال بابت ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته افغانستان ۽ ايران جي طرف کان ايندڙ هر اڏام جي نگراني ڪئي ويندي.سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ اڏامن کي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کان اجازت وٺڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.