آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، وفاقي وزير آمريڪا روانو

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب وفد سان گڏ  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون. پاڪستان نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪندو. نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس کان پوءِ ٿينديون . ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آءِ ايم ايف جَي ايم ڊِي سان ملاقات جو امڪان آهي.

  • اسرائيل تي ايراني حملو جائز دفاعي عمل آهي: افغان حڪومت

ڪابل(م ڊ) افغانستان جي طالبان سرڪار اسرائيل تي ايراني حملي جي حمايت ڪندي ان کي جائز قرار ڏنو آهي. افغان پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ ايران پاران اسرائيل تي حملي کي صحيح قرار ڏنو آهي.

افغان پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته شام ​​۾ ايراني قونصل خاني تي حملي جو ايران جو جواب جائز دفاعي عمل آهي. افغان پرڏيهي وزارت موجب اپريل ۾ ايراني قونصليٽ تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.افغان پرڏيهي وزارت چيو آهي ته دنيا کي ڇڪتاڻ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ صهيوني رياست جا ڏوهه بند ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.