پني عاقل ڀرسان زمين جي مالڪي تان 5 ڄڻا اغوا، ٿاڻي آڏو ڌرڻو، 3 آزاد

پنوعاقل  (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ڀرسان زمين جي مالڪي تان ڪچي کان پڪي طرف ٽريڪٽر ٽرالي تي ڪڻڪ کڻي ايندڙ ٻن معصوم ٻارڙن سميت پنج ڄڻا  اغوا ۽ يرغمال، چئن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس راڄوڻي ذريعي ٽي ڄڻا آزاد ڪرائي ٽريڪٽر ٽرالي وارثن حوالي، انڍڙ برادري جو رضا ڳوٺ ٿاڻي آڏو ڌرڻو ۽ احتجاج ، انڍڙ برادري چيو ته مھر برادري جا ھٿياربندن اسانجي ٻن ٻارڙن سميت پنجن ماڻھن کي  اغوا ڪري ويا آهن جن مان ننڍڙا ٻار واپس ناھن ٿيا، صرف ٽي ڄڻا يرغمال ٿيا ھئا جيڪي واپس ڪرايا ويا، پني عاقل جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي معاملي تان ڪچي کان پڪي طرف ٽريڪٽر ٽرالي تي ڪڻڪ کڻي ايندڙ ٻن معصوم ٻارڙن سميت پنج ڄڻن کي مبينا طور ھٿياربندن طرفان اغوا ڪري يرغمال بڻايو ويو، اغوا ٿيل نوجوانن جي وارثن حاجي شير محمد انڍڙ،حزب الله انڍڙ ، حافظ سردار بخش انڍڙ ، احسان الله ، رفيق احمد، شاھ بخش ، نظام الدين انڍڙ ۽ ٻين طرفان ڪچي جي رضا ڳوٺ ٿاڻي تي ڌرڻو هنيوو يو، متاثرن جو چوڻ هو ته مھر برداري جي ھٿياربندن اسان جي ٻن معصوم ٻارڙن سميت پنج ڄڻا اغوا ڪري کڻي ويا آھن جڏھن ٽريڪٽر ٽرالي ۾ پيل ڏيڊ سئو ٻوريون ڪڻڪ پڻ کڻي ويا آھن، جڏھن ته رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس چئن ڪلاڪن کانپوءِ اغوا  ٿيل ٽن نوجوانن عارف، وقار ۽ اظھر انڍڙ کي راڄوڻي ذريعي واپس ڪرائي ٽريڪٽر ٽرالي سميت  وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، رضا ڳوٺ پوليس موجب صرف ٽي ڄڻا يرغمال ھئا جيڪي واپس ڪرايا ويا آھن، ٻئي پاسي انڍڙ برداري جي مظاهرين جو چوڻ آھي ته صرف ٽئي نوجوان واپس ڪرايا ويا آھن بھ معصوم ٻارڙا واپس ناھن ٿيا انڍڙ برادري طرفان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، پوليس پاران نظر مھر، ثناءُ الله مھر، وقار مھر سميت  ٻارنهن سڃاتل ۽ اٺ اڻ ڄاتلن سميت 20 جوابدارن تي رضا ڳوٺ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.