پاڪستان ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين جي واپسي جو سلسلو جاري

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي . اختيارين موجب 3 کان 13 اپريل تائين 8581 افغان شهري پنهنجي ملڪ ويا آهن، پاڪستان ڇڏي ويندڙغير قانوني افغانين جو انگ 5 لک 35 هزار 940 ٿي ويو آهي.اختيارين موجب 287 گاڏين ۾ 310 خاندانن کي پنهنجي وطن واپس موڪليو ويو آهي.

  • ڪراچي ۾ ڦورو ايم ڪيو ايم عورت اڳواڻ کان پرس ڦر ڪري فرار

ڪراچي (رپورٽر )  ايم ڪيو ايم مرڪزي ڪميٽي جي ترجمان موجب ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم   ايم ڪيو ايم جي مرڪزي ڪميٽي جي ترجمان عورت اڳواڻ کان پرس ڦرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فوٽيجز ۾ صاف ظاهر آهي ته ڪيئن ڦورو عورت کان پرس ڦريندي موٽرسائيڪل تي ڀڄي ويو. ترجمان موجب شاهينه سهيل پرس ڦرجڻ کان پوءِ توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ هيٺ ڪرڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ايم ڪيو ايم جي مرڪزي رابطا ڪميٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهاري سرعام عوام کي ڦري رهيا آهن، وڏي عمر جون عورتون به انهن کان محفوظ نه آهن، صوبائي حڪومت، پوليس ۽ انتظاميه شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪراچي جا شهري پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ رياست طرف ڏسي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.