ايران، اسرائيل ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر، ڌريون صبر کان ڪم وٺن: پاڪستان

اسلام آباد (م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي حملي بعد پاڪستان وچ اوڀر جي صورتحال تي گھري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سموري صورتحال تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي مهينن کان غزا ۾ جنگبندي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي . ترجمان موجب هاڻي صورتحال مستحڪم ڪرڻ ۽ امن جي بحالي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته هي اڳڀرائي سفارتڪاري ٽٽڻ جي نتيجن کي ظاهر ڪري ٿي ،هي صورتحال سنگين حالتن کي ظاهر ڪري ٿي جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جون پنهنجون ذميواريون پوري ڪرڻ کان بيوس آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.