برطانيا، ڪيناڊا ۽ يورپي ملڪن پاران حملي جي مذمت، ڌريون صبر ڪن

ڪراچي( ع آ نيوز) ايران پاران اسرائيل تي حملي تي عالمي برادري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ روس سڀني ڌرين کي  صبر جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اسان کي اميد آهي ته علائقائي ملڪ سياسي ۽ سفارتي طريقن سان موجوده مسئلن جو حل ڳوليندا. ٻئي طرف روسي صدر پيوٽن بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل کان پاسو ڪري، جيڪڏهن عالمي جنگ لڳي ته هڪ پاسي روس، چين ۽ ايران هوندا، ٻئي طرف آمريڪا، اسرائيل ۽ نيٽو هوندا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت خطي ۾ ”فوجي ڇڪتاڻ“ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڌرين تي زور ڀريو ته هو ”جنگ جي خطرن“ کان بچڻ لاءِ تحمل جو مظاهرو ڪن. سرڪاري خبرن جي ايجنسي جي مطابق  هڪ بيان ۾، سعودي پرڏيهي وزارت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته چين وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي واڌ تي ”سخت ڳڻتي“ آهي جڏهن ته ايران اسرائيل خلاف ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪري جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. ايراني حملن بابت صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيني ترجمان چيو ته چين لاڳاپيل ڌرين کي زور ڏئي ٿو ته هو پرامن رهن ۽ تحمل کان ڪم وٺن ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿئي. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ مذمت ڪندي چيو ته اسان اسرائيل سان گڏ آهيون، اهي حملا هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي خراب اثر وجهندا. ان کان سواءِ جرمني، فرانس، يورپي يونين، اسپين، ڊچ، ڊنمارڪ ۽ ٻين ايراني حملن جي مذمت ڪئي. ڀارت، ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي نتيجي ۾  ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت تازي حملي کانپوءِ خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ اسرائيل تي ايراني حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن حملن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته برطانيه اسرائيل جي سلامتي ۽ اردن ۽ عراق سميت ان جي سمورن علائقائي ڀائيوارن جي سلامتي لاءِ ساڻن گڏ هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.