عالمي ڇڪتاڻ ۾ واڌ، ايران جو اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائلن سان حملو

تهران/يروشلم (م ڊ) دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران، اسرائيل تي 300 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فار ڪري ڇڏيا. ايراني خابرو اداري موجب ايران اسرائيل تي  سڌي ريت ڊرون حملا ڪيا، حملي ۾ اسرائيلي دفاعي اڏاوتن ۽ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ايران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. اسرائيل تي حملي ۾ ايران جا اتحادي يمن، لبنان ۽ عراق به شامل آهن، اسرائيل تي مختلف پاسن کان حملو ڪيو ويو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هگري حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجي سرزمين تان اسرائيل جي سرزمين ڏانهن بنا پائليٽ وارا جهاز روانا ڪيا. رڳو ڪجهه ايراني ميزائل اسرائيل جي سرزمين تي ڪريا جنهن سبب فوجي اڏي ۽ اڏاوتن کي معمولي نقصان پهتو. ان کانسواءِ ايراني حملن جي جواب ۾ آمريڪا ۽ اردن اسرائيل جي مدد ڪندي ايراني ڊرونز ڪيرائي ڇڏيا. ٻئي پاسي يمن جي حوثين ۽ لبنان جي حزب الله طرفان به اسرائيل تي حملن جا اطلاع آهن. ياد رهي ته پهرين اپريل تي اسرائيل جي دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي کانپوءِ ايران اسرائيل تي جوابي حملي کان خبردار ڪيو هو. ايران جا اسرائيل تي ڊرون حملا، امريڪي عملدارن پاران اسرائيل تي ايراني حملي جي تصديق ڪئي وئي، حملن ۾ اسرائيل جي فوجي اڏي کي نقصان پهتو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي ڊرون حملا ڪيا آهن، اسرائيلي جنگي جهازن جي ڏکڻ لبنان تي بمباري ڪئي .اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته هو هر صورتحال  جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ايراني ميديا موجب 50 کان وڌيڪ ڊرونز اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، ايران پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو.ايران چيو ته جيڪو به ملڪ اسرائيل لاءِ هوائي حدون کوليندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، لبنان ۽ عراق فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون، ايران جي حملي بعد غزا مان اسرائيل جا جنگي جهاز نڪري ويا.

واشنگٽن(م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو. اسرائيل سلامتي ڪائونسل جو هي هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ اسرائيل چيو آهي ته ايران جو حملو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي. ان خط ۾ اسرائيل ايران تي ڪيترائي الزام لڳائيندي پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل پنهنجي جوابي خط ۾ ايران پنهنجي ان عمل جو دفاع ڪندي ان کي ”خود دفاع ۾ کنيل قدم“ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو عالمي قانونن جي مطابق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.