پورهيتن جي قتل جي مذمت، واقعو آزادي جي ويڙهه سان نه ڳنڍڻ گهرجي

ڪراچي(م ڊ) معروف قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل بئريسٽر حامد ڀاشاني چيو آھي تہ نوشڪي ۾ پنجابي مزدورن کي بس مان لاھي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪي قتل ڪرڻ غير انساني ۽ بيرحماڻو عمل آھي ۽ روزي روٽي جي ڳولا ۾ جيڪي مزدور جا عام ماڻھون  ماريا ماريا ڦرن ٿا انھن کي مارڻ مذمت جوڳو عمل آھي پر آن کي آزادي جي ويڙه سان جوڙڻ نه گھرجي. قمر چيما سان سندس پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پنجابين ۽ رياست تي حملو ڪري ۽ فقط ان لاء آن کي آزادي جو ويڙهاڪ نه چئجي ته اهو غلط ٿيندو. بئريسٽر حامد چيو ته ھاڻي اسان کي کليل نموني اھو چوڻو پوندو ته آخر انھن جا مطالبا ڪهڙا آھن؟ ڪنھن گروه يا آبادي خلاف رياست کي استعمال ڪرڻ کان پھريان انھن جا مطالبا ٽيبل تي رکڻ گھرجن. دھشتگردي جو ليبل ته ملڪ جي وڏي پارٽي تحريڪ انصاف تي به لڳو آھي ۽ مٿن فوجي ڪورٽن ۾ ڪيس ھلن پيا. بلوچستان ۾ ڇاھتر سالن کان اھو ٿي رهيو آھي. اڪبر بگٽي کي ماريو ويو. حڪومت ڪڏهن اهو نه ٻڌايو آھي تہ انھن جا مطالبا  ڇا آھن؟ صرف فتوا جاري ڪندا آھن ته اھي دھشتگردي آھن. ان سان مسئلو حل نه ٿيندو. ھن چيو ته افسوس جو بلوچستان جو جيڪو بہ حڪمران بڻجندو آھي اهو پاڻ کي رياست سمجھڻ لڳندو آھي حالانڪه ھو اصل ۾ رياست جو ھڪ ڪارندو ھوندو آھي ۽ ھن سموري ملڪ جو به مسئلو اھو ئي آھي. اھو رياست کي بيدردي سان استعمال ڪندو آھي.  . جليانوالا باغ سانحي کي پاڪستان ۾ نظرانداز ڪرڻ بابت سوال تي ھن چيو تہ اسان گڏيل هندستان ۾ پيش آيل واقعن مان صرف انھن واقعن کي تسليم ڪندا آھيون جيڪي اسلامي نقطه نظر تي پورو لهندا آھن. مثال طور اسان جو هيرو اورنگزيب عالمگير ته آھي پر اڪبر نه آھي. ان لاء اسان جليان والا باغ واري سانحي کي نظرانداز ڪندا آھيون جو اهو واقعو هندستان ۾ پيش آيو ۽ ان جو اسلام سان ڪو تعلق نه آھي توڙي جو آزادي جي تحريڪ ۾ مسلمان به مارجي ويا آھن. تاريخي ۽ مذھبي طور به ھندستان سان تعلق ھجڻ باوجود اسان انھن کي نظرانداز ڪندا آھيون. اسان پنھنجو تعلق ھندستان جي بجاء عرب ۽ وچ ايشيا سان جوڙيندا رهيا آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.