لاهور ( م ڊ ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب ٽيڪس نه ڏيندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن کي ڪجهه ڏينهن اندر حتمي نوٽيس ملي ويندا، جن واپارين ۽ صنعتڪارن کي نوٽيس موڪليا ويندا انهن جي طرز زندگي، شاهاڻن خرچن انهن جي ٽيڪس ڊيٽا سان گڏ نه آهن، انهن واپارين جو ٽيڪس چند هزار آهي ۽ سالياني آمدني ڪروڙين روپين ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪثر واپارين ۽ صنعتڪارن هڪ کان وڌيڪ پلاٽ وٺي پرڏيهه ۾ ڪاروبار ڪيو آهي، ڪيترائي ڀيرا انهن واپارين ۽ صنعتڪارن کي پورو ٽيڪس ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. ذريعن موجب لاهور جي اڪبري منڊي، شاهه عالم مارڪيٽ، اعظم ڪلاٿ ، انارڪلي ۽ لبرٽي جي واپارين جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مال روڊ، گلبرگ، فيروزپور روڊ، ماڊل ٽائون ۽ ٻين علائقن جي واپارين جون لسٽون به تيار ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب واپارين جو 10 سالن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي، ٻئي مرحلي ۾ پنجاب جي سمورين مارڪيٽن ۽ بازارن جي واپارين کي به شامل ڪيو ويندو، عدالتن سان به رجوع ڪيو ويو آهي،اسٽي خارج ٿي ويندا. ان حوالي سان ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي معاهدي موجب جي ڊي پي ۾ ٽيڪس وڌائڻو آهي، ڪنهن سان به زيادتي يا ٽيڪس نه لڳندي، سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، هاڻي ٽيڪس وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي، حڪومت سنجيده آهي.