ڪراچي ۾ هٿياربند مسجد اندر داخل ٿي پيش امام ۽ ٻين کان ڦر ڪري فرار

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ قانون کان بي وقوف ڏوهارين  شهرين جي دڪانن، گهرن ۽ مسجدن مان ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي جي  علائقي ڪريم آباد ۾ فيضان عطار جي جامع مسجد ۾ هٿياربند داخل ٿي پيش امام ۽ خادم سميت 3 ڄڻن کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪري فرار ٿي ويو.  واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پينٽ شرٽ پاتل هڪ ڌاڙيل 12 اپريل جمعي جي رات مسجد ۾ داخل ٿئي ٿو، ڏوهاري پيش امام ۽ خادم سميت ٽن ڄڻڻ کي يرغمال بڻائي تلاشي وٺڻ بعد موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.