جنگ جا خطرا وڌن پيا،فلسطين مسئلي جو حل ٻه رياستي حل آهي: پوپ فرانسس

ويٽيڪن سٽي(م ڊ)ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي اڳواڻ پوپ فرانسس، اسرائيل-فلسطين مسئلي جي ٻن رياستي حل جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب پوپ فرانسس وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ فوري جنگ بندي لاءِ قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ غزه ۾  ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پوپ فرانسس سڀني ملڪن تي زور ڀريو ته هو اسرائيل ۽ فلسطين کي ٻن رياستن جي حمايت لاءِ بيٺا هجن، ڪنهن به اهڙي قدم کي ختم ڪيو وڃي  جيڪو تشدد کي وڌائي ۽ وچ اوڀر کي وڌيڪ تڪرار ڏانهن ڌڪي.پنهنجي هفتيوار دعائيه خطاب ۾ پوپ فرانسس چيو ته ايران جي مداخلت سبب اسرائيل جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، ڪنهن کي به ٻئي جي وجود کان خطرو نه ٿيڻ گهرجي.پوپ فرانسس غزه ۾ انسانيت جي بنياد تي امداد ۽ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.