مان آمريڪا جو صدر هجان ها ته اسرائيل تي ڪڏهن به حملو نه ٿئي ها:ٽرمپ

واشگٽن ( م ڊ ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هو آمريڪا جو صدر هجي ها ته ايران ڪڏهن به اسرائيل تي حملو نه ڪري ها. آمريڪي رياست  پينسلوينيا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيل تي حملو ان ڪري ٿيو جو موجوده حڪومت وڏي ڪمزوري ڏيکاري، موجوده حڪومت ان معاملي ۾ جيڪا ڪمزوري ڏيکاري آهي اها ناقابل اعتبار آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته صدر جوبائيڊن کي خبر ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اسان کي عالمي جنگ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ عالمي جنگ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ٽين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ اسرائيل ۽ ايران ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو اسان کي به عالمي جنگ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.

  • ايران حملي کي وڏي جنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي: جان ڪربي

واشنگٽن (م ڊ) اسرائيلي جنگي ڪابينا جي وزير بيني گينٽز چيو آهي ته اسرائيل صحيح وقت تي ايران طرفان ڪيل حملي جي قيمت وصول ڪندو. جاري ڪيل هڪ بيان ۾  گينٽز چيو ته، "اسان خطي ۾ هڪ اتحاد ٺاهينداسين ۽ اسان مناسب وقت ۽ طريقي سان ايران کان  حملي جو حساب وٺنداسين. هن چيو ته دشمن اسان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ وڌيڪ متحد ۽ مضبوط ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هوڏانهن آمريڪي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جو خيال آهي ته اسرائيل تي ايران جي حملي کي مڪمل جنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائيندي  جان ڪربي کان پڇيو ويو ته ڇا وڌيڪ تڪرار جو امڪان آهي؟ جنهن تي ڪربي چيو ته "صدر سمجهي ٿو ته ان سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته صدر واضح ڪري چڪو آهي ته اسان نٿا چاهيون ته تڪرار وڌي. ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪلاڪ ۽ ڏينهن گهڻو ڪجهه ٻڌائيندا.

  • اڳرائي  پسند کي سزا ڏيڻ جو سپريم ليڊر جو واعدو پورو ٿيو: ايراني صدر

تهران ( م ڊ )  ايران جي صدر ابراهيم رئيسي اسرائيل تي ڊرون حملن کانپوءِ چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو جارحيت پسند کي سزا ڏيڻ جو سچو واعدو پورو ٿي ويو آهي،  ايراني صدر ابراهيم رئيسي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي جارحانه قدمن جي جواب ۾ آپريشن جائز هو، اسرائيل جي جارحانه قدمن جو جوابي ڪارروائي دفاع جي حقن جي دائري ۾ آهي. اتحادي ملڪ جارحيت پسند حڪومت جي  حمايت بند ڪري. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو چوڻ آهي ته پاسداران انقلاب ايران جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو، پاسداران انقلاب صهيوني دشمن کي سبق سيکاريو، ايراني صدر چيو ته ايراني فورسز گڏيل آپريشن ۾ اسرائيلي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، اسرائيل جي جارحيت جي جواب ۾ دفاعي ڪارروائي ڪئي وئي، اسرائيل پاڻ کي ڪنهن به عالمي اصول، اخلاق ۽ انساني قانون جو پابند نٿو سمجهي . صدر ابراهيم رئيسي چيو ته اسرائيل گذريل 6 مهينن کان فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري رکيو آهي، اسرائيل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهي، ايراني مفادن خلاف ڪنهن به نئين مہم جوئي جو سخت جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.