ڪوٽڙي ۾ طوفان سبب 3 ٿنڀا ڪري پيا، شهر سميت مختلف علائقن جي بجلي بند

ڪوٽڙي ( ن ع آ)  ڪوٽڙي ۾ رات دير سان طوفان سبب 11 هزار ڪي وي لائين جا 3 ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ 11 هزار ڪي وي لائين جا 3 ٿنڀا ڪرڻ سبب ڪوٽڙي گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيل فيڊر ٽرپ ٿي ويا.ٿنڀا ڪرڻ سبب ڪوٽڙي سائيٽ ۽ سٽي سميت ٻين علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. ٻئي پاسي  حيسڪو ترجمان موجب متاثر علائقن ۾ متبادل ذريعن ذريعي بجلي جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

  • بلوچستان جي پ پ اڳواڻ شريف خلجي پارٽي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا،پي ٽي آءِ ۾ شامل

ڪوئيٽا ( م ڊ)  پ پ اڳواڻ شريف خان خلجي پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شريف خلجي چيو ته هن پيپلز پارٽي کي خيرآباد سڏيو آهي، پيپلز پارٽي ڀٽو نه  پر زرداري خاندان جي پارٽي بڻجي وئي آهي. شريف خان خلجي وڌيڪ چيو ته مان مجبوري ۾ پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو هئس. هن چيو ته مون ڪڏهن به مراعتن ۽ فنڊن جي سياست ناهي ڪئي، ان ڪري ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.