مودي جو ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نوڪريون ۽ بهتر انفراسٽرڪچر ڏيڻ جو واعدو

نئين دهلي ( م ڊ ) مودي ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نوڪريون ۽ بهتر انفراسٽڪچر ڏيڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو، ڀارت ۾ عام چونڊن جي پهرين مرحلي جي شروعات کان اڳ، وزيراعظم نريندر مودي واعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) ٽيون ڀيرو چونڊجي ٿي ته هو بيروزگاري ۽ انفراسٽرڪچر جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ کان علاوه ڀلائي جا پروگرامز کي هٿي وٺرائيندو. ڀارت ۾ عام چونڊون مرحلن ۾ 19 اپريل کان شروع ٿينديون ۽ 7 مرحلن کانپوءِ ڪامياب اميدوار جو فيصلو پهرين جون تي ڪيو ويندو، نريندر مودي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي 10 سالن جي ٽريڪ رڪارڊ جي بنياد تي اليڪشن کٽڻ لاءِ مضبوط اميدوار طور ڏٺو وڃي ٿو جتي هو پنهنجي جارحاڻي هندو قومپرست پاليسين سان گڏ متاثر ٿيندڙ معاشي ترقي، انفراسٽرڪچر ۽ فلاحي منصوبن لاءِ مشهور آهي.جڏهن ته، سروي موجب، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ڳوٺاڻي پسماندگي جهڙا مسئلا ڀارتي وزيراعظم لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج بڻيل آهن. پنهنجي پارٽي طرفان منشور جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته سندس توجهه سرمائيداري ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ عزت ۽ زندگي جي معيار کي وڌائڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته منشور جو دائرو بنيادي ڍانچي، هوائي اڏي، ريلوي، اليڪٽرڪ گاڏين، گرين انرجي، سيمي ڪنڊڪٽرز، دواسازي ۽ ٻين شعبن ۾ نوڪرين جي چوڌاري گهمي ٿو. نريندر مودي پڻ فلاحي اسڪيمن کي وڌائڻ چاهي ٿو ته جيئن 70 سالن کان مٿي شهرين کي صحت جي انشورنس ذريعي ڍڪي سگهجي. ان کان علاوه سندس ٻين قدمن ۾ آسان قرضن جي فراهمي، مفت گهر ۽ اناج وغيره شامل آهن جيڪي قرض وٺڻ چاهين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.