نوري آباد ويجهو ڪوچ ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر ڪلٽي، پيءُ پٽ سوڌو 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ويجهو نوري آباد ڀرسان مسافر نوري آباد ويجهو برسات دوران مسافر ڪوچ ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر ڪلٽي، موٽر وي تي حادثي سبب شهداد ڪوٽ واسي پيءُ پٽ سميت  5 ڄڻا فوت ٿي ويا. واقعن ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش حيدرآباد ۽ زخمي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيا ويا. فوتين ۾ شهدادڪوٽ واسي علي جان مگسي، سندس  5 سالن جو پٽ مجاهد، اڪبر مگسي، دريا خان  مري  واسي غلام شبير چانڊيو ۽ هڪ عورت  شامل، زخمين ۾ خدابخش، منور علي، محمد يعقوب، فرزانا، ندا، ڪوڙل، شمائلا، مشيران، ثانيا، شهربانو ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو شڪار ڪوچ ڪرچي کان شهدادڪوٽ ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر دريا خان مري طرف وڃي رهيو هو، ڪوسٽر ۾ سوار گهوٽ جو پيءُ اجل جو شڪار، شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. نوري آباد حادثي جا 14 زخمي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل، زخمي تڙپندا رهيا، ڊاڪٽرز ۽ عملو غائب رهيو، وارثن جو احتجاج. زخمين  جو بهتر علاج نه ٿيڻ ۽ سهولتون نه ملڻ جون دانهون، وارثن موجب زخمي تڙپي رهيا آهن، سندن علاج نه ٿو ڪيو وڃي، سِرنج کان ويندي هر شئي ٻاهران وٺي اچڻي پوي ٿي، زخمين جي وارثن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.