حيدرآباد ۾ قوم پرست اڳواڻ رياض چانڊئي کي کنڀڻ جي ڪوشش،مزاحمت

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي قاسم آباد واري رهائشگاهه تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملو ڪري کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جسم جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي موجب پارٽي چيئرمين جي گهر تي حملو ڪري کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سڪرنڊ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان نياڻي پريا ڪماريء جي بازيابي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ھندو برادري جي ماڻهن جي جبري لڏپلاڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ھنيل ڌرڻي کان واپس رياض چانڊيو جي قاسم آباد واري رهائشگاهه پهتا هئاسين، پارٽي جا ساٿي گڏ ھئا، آئون ۽ ھڪ ٻيو دوست ممتاز ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر نڪتاسين، رياض چانڊيو طبعيت جي خرابي سبب ڪجھه دير گھر اندر ھليو ويو هو، جڏهن ته ٻيا ساٿي آرامي هئا ته اوچتو گھر جو دروازو زور سان کڙڪيو، جنهن کانپوءِ رياض چانڊيو ٻين ساٿين کي ننڊ مان اٿارڻ جي بجاءِ پاڻ گيٽ تي پھتو ۽ گيٽ کوليو ته ٽن ڄڻن کيس ٻانھن کان پڪڙيو ۽ ٻئي ھٿياربند ھڪل ڪندي اهو چيو ته هن کي کڻوس، اهڙي طرح ھڪ ڪار گھر جي در سان ويجھو بيٺل ھئي، جيڪا اسٽارٽ ھئي ۽ حملي آورن جا چھرا کليل ھئا، انهن ۾ ھڪ سنڌي ۽ ٻيو اردو ۾ ڳالھائي رهيو هو. هن چيو ته رياض چانڊيو ان موقعي تي سخت مزاحمت ڪئي، جنهن دوران گھر ۾ ستل پارٽي ڪارڪن پھچي ويا، پيدا ٿيل اهڙي صورتحال کانپوءِ جوابدار گاڏي ۾ چڙھي فرار ٿي ويا. هن چيو ته اسين سمجھون ٿا ته ھي حملو سنڌ جي قومي بقا واري جھدوجھد ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ڪيو ويو آھي، ان کان پھريان به جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن گھرن تي مسلسل ڪاھون ٿيون آھن، کيس مختلف وقتن تي جاني نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿينديون رھيون آھن، ھن کان اڳ ۾ ٻه دفعا رياض چانڊيو جي ڪراچي واري گھر تي حملا ٿيا، جن جون لاڳاپيل ٿاڻي تي ايف آئي آرون به داخل ڪيون ويون، پر پوليس ڪا جاچ نه ڪئي. هن چيو ته رياض علي چانڊيو سنڌ جي قومي ڪاز لاءِ وت آھر پاڻ پتوڙيندو رھيو آھي، ھن سدائين سائين جي ايم سيد جي پرامن فڪر تحت سياست ڪئي آھي، لاقانونيت ۽ سرڪاري جبر جي ڪري ھتي ڪير به محفوظ ناھي، سڄي سنڌ غير محفوظ آھي، خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي. هن چيو ته اڄ  سخي ستارڏنو چولياڻي ھائوس قاسم آباد تي جيئي سنڌ محاذ جو ھنگامي اجلاس ٿيو آھي، جتي موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته پنجاب اسان جي نسل ڪشي ڪري رھيو آھي، ھڪ طرف پ پ کي سگھارو ڪري اسان تي مسلط ڪيو ويو آھي، ٻي طرف سنڌو درياھه تي قبضو ڪري ڌارين جي يلغار آڻي، سنڌين کي بک ڏئي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، ان ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھه ۾ اسان جي قومي قيادت تي حملا ڪيا پيا وڃن، اسين سنڌ جي آجپي، ترقي ۽ بقاء جي پرامن جنگ تان دستبردار نه ٿينداسين، اسين واضع ٿا ڪريون ته جيئي سنڌ محاذ ۽ ان جو چيئرمين رياض علي چانڊيو سنڌ وطن لاءِ ڪنھن به قسم جي قرباني کان نه ڪيٻائيندو، گھرن تي حملا چڙھايون ۽ کنڀڻ جي ڪوشش اھي سڀ ڪريل ھٿڪنڊا آھن، جن جي مذمت ڪريون ٿا، باقي عدالتن مان ڪھڙي اميد رکون ڇو ته جتي جج انصاف لاءِ پڪارين پيا اتي عام شھرين يا سياسي اڳواڻن کي انصاف ڪيئن پلئه پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.