اوٻاوڙي ويجهو ڀوپي طرفان جن ڪڍڻ بهاني بيمار نوجوان کي ٽانڊن تي اڇلائي مارڻ جو انڪشاف

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو مريدشاخ ويجھو ڳوٺ ڪونديوالو ۾ بيمار نوجوان شاھنواز کي ڀوپي پاران جنات ڪڍڻ لاءِ باھ جي ٽانڊن تي اڇلائي نوجوان کي مارڻ جو انڪشاف، وارثن  پاران بااثر وڏيرن جي مداخلت  تي ڀوپي کي بچائڻ لاءِ معاملي کي ڳجهو رکيو ويو باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويل نوجوان شاھنواز جي وارثن بيماري سبب موت ٿيڻ جو بيان ڏئي پوليس کي واپس موٽائي ڇڏيو، مريدشاخ  ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪونڊيوالو ۾ 25 ورھين جي بيمار نوجوان شاھنواز ڪونڊري کي جنات ھجڻ جو چئي ڀوپي پاران نوجوان کي باھ جي ٽانڊن تي اڇلائي مبينا طور ساڙي مارڻ جا چوٻول سوشل ميڊيا تي نوان جي موت جون پوسٽون وائرل ٿيڻ تي کنڀڙا پوليس فوت ٿي ويل نوجوان جي گھر پھتي ته بااثر وڏيرن جي چوڻ تي نوجوان جي وارثن ترديد ڪندي نوجوان بيماري سبب موت ٿيڻ جو بيان ڏئي پوليس کي موٽائي ڇڏيو bجڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته رات جي وقت ڀوپي پاران باھ جي مچ  تي ڳرا ڏنڊا هڻي جنات ڪڍڻ تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي وارثن پاران صحافين سميت کنڀڙا پوليس کي  به گمراهه ڪندي معاملو ميل مٽي ڪري ڇڏيو، باھ ۾ ساڙڻ دوران مبينا طور فوت ٿي ويل نوجوان شاهنواز پٽ محمد بخش ڪونڊري جو لاش بنا ڪنھن تحقيق ۽ پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ جا چوٻول هلي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.