هرجاڻي واري ڪيس ۾ عادل راجا تي 10 هزار پائونڊ ڏنڊ

لنڊن ( م ڊ ) هرجاڻي واري ڪيس ۾ عادل راجا تي 10 هزار پائونڊ ڏنڊ لڳايو ويو آهي، رٽائرڊ ميجر عادل راجا برطانوي عدالت ۾ بدنامي جو  ڪيس هارائي ويو جنهن بعد مٿس 10 هزار پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. هڪ حاضر سروس فوجي آفيسر تڪراري يوٽيوبر عادل راجا خلاف آگسٽ 2022 ۾ برطانيا جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيوهو.  انٽر سروسز انٽيليجنس ڪمانڊ پنجاب جي حاضر سروس سربراهه لنڊن ۾ رهندڙ عادل فاروق راجا خلاف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي بدنامي واري مهم هلائڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو، درخواستگذار آفيسرمعافي، هرجاڻي ، بدنامي جا بيان ۽ رقم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويوهو.  عادل راجا خلاف آگسٽ 2022ع ۾ برطانيا جي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ڪيس جنوري 2023ع ۾ ان وقت سامهون آيو، جڏهن عادل راجا ناليوارن فلمن ۽ ٽي وي اداڪارن تي الزام هنيو هو ۽ پاڪستان ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.