سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خطرناڪ عمارتن بابت سجاڳي مهم شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر ) برسات کانپوءِ ڪراچي جي ڪمشنر آصف حيدر شاهه طرفان رين ايمرجنسي تي عمل ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي خطرناڪ عمارتن بابت عوام ۾ سجاڳي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي  سمورن ڊائريڪٽرن جو اجلاس ٿيو ۽ ڊيموليشن سيڪشن جي سهڪار سان صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. برسات جي  صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ صبر سوير عملي کي پينا فليڪس ۽ سائن بورڊن سان گڏ روانو ڪيو ويو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيمن طرفان عوام کي خطرناڪ عمارتن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.