پنجاب حڪومت ماني جي قيمت ۾ 4 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( م ڊ )  ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت اڄ کان مانيءَ جي اگهه ۾ 4 رپيا گهٽتائي جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو اگهه 16رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الحمدلله پنجاب حڪومت اڄ کان ماني جي قيمت ۾ 16 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي . مريم نواز چيو ته مون پنجاب جي سمورن ضلعن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ان فيصلي تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، واضح رهي ته ان اعلان کان هڪ ڏينهن اڳ مريم نواز به صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، پنجاب صوبي ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 500 رپيا گهٽ ڪري 2800 مان 2300 رپيا ڪيو ويو آهي، پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا ڪڻڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي جو سبب ٻڌايو آهي. هاڻي جڏهن پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوک شروع ٿي وئي آهي ته مارڪيٽ ۾ نئين ڪڻڪ جي آمد ۽ طلب ۽ رسد جي اصولن مطابق اٽي سان گڏ اٽي، سوجن ۽ ڀاڄي جي اگهه ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.