لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي جيل ۾ قيد ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه جو مبينا قاتل لاهور ۾ حملي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي حملي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. لاهور جي علائقي اسلام پوره ۾ نامعلوم ماڻهن پاران عامر سرفراز عرف تانبا تي حملو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ذريعن موجب حملي ۾ عامر سرفراز تانبا مارجي ويو آهي. عامر سرفراز جي موت جي حوالي سان خانداني ذريعن به تصديق ڪئي آهي ته ڀارتي دهشتگرد سربجيت سنگهه تي حملي ۾ ملوث عامر عرف ڪاپر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. خانداني ذريعن موجب مقتول عامر عرف تنبا کي اڳ ئي ڌمڪيون ملي رهيون هيون، ٻن نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي. جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.