ڀارت ۽ پاڪستان جي معاشي حالتن ۾ واضح فرق !

تحرير: سڪندر چنو

ڀارت معاشي طور پاڪستان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن وقت ڀارٽ وٽ 647 ارب ڊالرن جا خزاني ۾ ڏوڪڙ پيل آهن ۽ پاڪستان جي خزاني ۾ صرف 16 ارب ڊالر جيڪي ڀارت جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهن. ڀارت ڏينهون معاشي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي. پر پاڪستان سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن معاشي حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. سعودي عرب پاڪستان جي گداگر حڪمرانن مان بيزار ته آهي ئي پر سعودي عرب پاڪستان مان ايندڙ گداگرن کان بيزار ٿيندي انهن کي گرفتار ڪرائي پاڪستان واپس موڪلي رهيو آهي ۽ انهن گداگرن جي ڪري سعودي عرب پاڪستان لاءِ عمري جي ويزا به بند ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

ڀارت اڏاڻي گرين انرجي 538 ڪلوميٽرن گجرات جي علائقي ۾ ڪڇ جي کاوڏا ۾ هڪ بنجر زمين ۾ GW 30 پاور پلانٽ لڳائي رهيو آهي هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽ آهي. ڀارت بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. ته جيئن ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ انڊسٽريون لڳي سگهن انڊسٽريون يا ڪارخانا لڳائي ملڪ کي معاشي طور اڳڀرو ڪري سگهجي. ڀارت پاڪستان کان گهڻو اڳتي نڪري رهيو آهي ۽ تيزيءَ سان نڪري رهيو آ. پاڪستان جي بجلي ۾ ڏينهون ڏينهن خوار ٿي رهيو آهي. پاڪستان بجلي جا ڪارخانا هلائڻ بدران انهن کي بند ڪري رهيو آهي. لاکڙا پاور هائوس ۽ سکر ٿرمل پاور جيڪو ڪينيڊا طرفان پاڪستان کي انمول تحفو ڏنو ويو ان کي بند ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن لاکڙا پاور هائوس ۽ سکر ٿرمل پاور اسٽيٽ کي ٻيهر هلايو وڃي ته پاڪستان بجلي جي شعبي ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويندو. خير ائين به آهي ته سنڌ ۾ بجلي جو بحران هٿ سان پيدا ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت سنڌ جي ڳوٺن کي سولر تي آڻيندي. اهو منصوبو به ڪو ڪامياب ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته برساتن ۾ سولر بجلي ڪونه ڏيندا ان ڪري سولر کان وڌيڪ بجلي طاقتور ۽ فائديمند رهندي. لاکڙا پاور هائوس 1995 ۾ قائم ڪيو ويو. ۽ 50 ميگا واٽ بجلي ڏيندو رهيو صرف 3 يونٽن تي مشتل هيو. هڪ سازش تحت ان کي بند ڪيو ويو آهي. لاکڙا پاور هائوس ۾ 150 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. لاکڙا پاور هائوس ڪوئلي تي هلندڙ سنڌ ۾ پهريون بجلي گهر آهي لاکڙا پاور هائوس ڀرسان تقريبن 1300 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن. 1985ع ۾ واپڊا هن پلانٽ کي تيار ڪرايو. چين جي ڪمپني ڊونگ فانگ اليڪٽرڪ ڪارپوريشن هن کي تيار ڪرايو. هي پاور پلانٽ 462 ايڪڙن تي مشتمل آهي. 277 ايڪڙ ايراضي پاور پلانٽ کي ۽ 114 ايڪڙ آفيسرن ۽ ملازمن جي رهائش لاءِ ڏني ويئي. واپڊا هڪ سازش تحت هن پلانٽ کي بند ڪرڻ لاءِ ۽ آهسته آهسته پلانٽ ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو. اسٽيبلشمينٽ کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته ملڪ جي معاشي حالتن جو دارومدار سياسي فيصلن تي هوندو آهي، ملڪ جي موجوده معاشي بحران کي سياسي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. فوجي طاقت جو مطلب معاشي حالتون ٺيڪ ڪرڻ نه آهي.

اسان پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين سڀ ڪم هڪ طاقت ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون ۽ اها آهي اسٽيبلشمينٽ جي طاقت. اسان اهو سمجهڻ کان قاصر رهيا آهيون ته ان طاقت کي خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اسان سياسي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوجي طاقت کي استعمال ڪرڻ تي بضد رهيا آهيون. جنهن سبب پاڪستان اڄ تائين سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي مضبوط رياست بڻجي نه سگهيو آهي غربت، مهانگائي، بيروزگاري، سماجي انتشار ۽ بدامني پاڪستان جي رياست جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. پاڪستان جي سياسي  قيادت ڪشڪول کڻي ڪڏهن آمريڪا،ڪڏهن وري يورپي ملڪن ۽ ڪڏهن خليجي دروازن تي خيرات جي منتظر بڻيل رهي آهي. پر ائين ناهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي يا اهو مسئلو پاڪستان کان اڳ ڪنهن به رياست سان نه ٿيو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طاقت ذريعي رياست جا معاملا هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هنن محسوس ڪيو ته هو ان قوت ذريعي ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿا ڪري سگهن، تڏهن هنن حڪومتي معاملن کي سياسي قيادت جي حوالي ڪري ڇڏيو.

1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو ۾ جنرل فرانسسڪو جي فوجي حڪومت هئي،ان وقت پيرو  جون معاشي حالتون انتهائي خراب ٿينديون ويون، معاشي عدم استحڪام ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جڏهن جنرل فرانسسڪو جي طاقتور فوجي حڪومت کي احساس ٿيو ته هو ناڪام ٿي ويو. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هن حڪومت کي سياستدانن جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح برازيل ۾ فوجي حڪومت 1968ع کان 1973ع تائين ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، پر جيئن ئي تيل جو عالمي بحران شروع ٿيو ته فوجي حڪومت کي احساس ٿيو ته هو نئين معاشي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، برازيل جي آخري حڪمران، جاو فيگيريڊو، ماضي جي غلطين تي شرمساريءَ جو اظهار ڪيو ڏکڻ آمريڪا جي هڪ ٻئي ملڪ يوراگوئي جي فوجي حڪومت ملڪ ۾ 1980ع  ۾ هڪ ريفرنڊم منعقد ڪيو. جڏهن عوام فوجي حڪومت جي خلاف ووٽ ڏنو ته فوج حڪومت سول نمائندن جي حوالي ڪري ڇڏي.

يونان ۾ جڏهن فوجي حڪومت محسوس ڪيو ته ملڪ ’حقيقي‘ جمهوريت بدران معاشي بحران جو شڪار آهي، تڏهن هنن 1974ع ۾ ملڪ کي جمهوري طاقتن جي حوالي ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جتي اندروني انتشار، انقلاب ۽ خونريزيءَ کان سواءِ فوج ملڪ جي معاشي حالتن کي ڏسندي رضاڪارانه طور تي حڪومت عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي. فوجي اسٽيبلشمينٽ کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته ملڪ جي معاشي حالتن جو دارومدار سياسي فيصلن تي هوندو آهي.

ملڪ جي موجوده معاشي بحران کي سياسي سوچ سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. چين تيزيءَ سان معاشي طور ترقي ڪري رهيو آهي. 2023ع ۾ چين جي ڪل پيداوار 126 ٽريلين يو آن کان به وڌي وئي. ۽ چين دنيا جي تيز ترين معاشي ترقي ڪندڙ ملڪن کان به اڳڀرو ٿيندي ڏسجي ٿو. چين ۾ خوراڪ جي پيداوار رڪارڊ 695 ملين ميٽرڪ ٽنن تائين پهچي چڪي آهي. 12.44 ملين سرڪاري ملازمن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ بيروزگاري جي شرح 5.2 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي. چين ۾ ٽيڪسن ۽ فيسن ۾ جي مد ۾ 2.2 ٽريلين يو آن کان به وڌيڪ بچت ٿي آهي. چين پنهنجي گاڏين جي پيداوار ۽ کپت ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چين بجلي جي شعبي ۾ پوري دنيا کان اڳڀرو ٿيندي ڏسجي ٿو ڇاڪاڻ ته بجلي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکندڙ آهي.

پاڪستان ۾ بجلي جو بحران گهٽ ڪونه پيو ٿئي هن وقت ڀارت ۽ بنگلاديش پاڪستان کان بجلي جي پيداوار ۾ گهڻو اڳڀرو نڪري چڪا آهن. خطي جي صورتحال به تيزيءَ سان تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگي حالتون پيدا ٿيون ته پوءِ خطي ۾ معاشي صورتحال تي وڏا اثر پئجي سگهن ٿا ۽ اها ڇڪتاڻ  جنگ ۾ تبديل ٿيندي ڏسجي ٿي. ان جا اثر يقينن پاڪستان تي به پوندا. وزيراعظم شهباز شريف جو سعودي عرب وارو دورو انتهائي اهميت وارو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کي گهرجي ته چين ۽ سعودي عرب سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪري. ڇاڪاڻ ته آمريڪا اسرائيل جي پاسي کان بيٺل آهي ۽ يورپ جا ملڪ پڻ اسرائيل جي مدد ڪري سگهن ٿا. اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته اها ملڪي معاشي ۽ سياسي حالتن کي نظر ۾ رکندي سياسي معاملن ۾ مداخلت بند ڪندي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ملڪ اڳتي گهمڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي ويندو. پاڪستان کي گهرجي ته بجلي بحران تي قابو پائڻ لاءِ لاکڙا پاور هائوس ۽ سکر ٿرمل پاور هائوس کي هلايو وڃي ته جيئن ملڪ جي عوام خاص ڪري سنڌ جي عوام کي بهتر کان بهتر بجلي ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.