ملڪ ۾ وڌندڙ عدالتن کان مٿانھان قتل

تحرير: ذلفي چاچڙ

عيد ڏھاڙي ٺارو شاھه مان گم ٿيل معصوم نياڻي دعا سولنگي کي جوابدار جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کيس بي دردي سان قتل ڪري سندس لاش اڇلائي ڇڏيو ۽ اھڙو ئي ھڪ ٻيو  افسوس ناڪ واقعو ڪوٽڙي ۾ پڻ پيش اچي چڪو آھي.

ٺارو شاھه پوليس دعا سولنگي واقعي ۾ ملوث جواب دار ضمير سيال کي پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جي ان عمل کي سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو ساراھيو پيو وڃي.

معصوم ٻارڙن سان زيادتي، قتل ۽ اغوا جا واقعا سنڌ ۾ تيزي سان وڌي رھيا آھن، جيڪو ھڪ ڳڻتي جوڳو عمل آھي، جنھن کي روڪڻ لاءِ ھڪ منظم حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان جا بنيادي سبب ڳوليا وڃن.

عيد جي ٻئي ڏينھن تي حيدرآباد پوليس پڻ ٻن ڄڻن کي فل فرائي ڪري ڇڏيو آھي، جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اھي منشيات فروش ھئا. معصوم ٻارڙن جو ڪو قاتل ھجي يا منشيات فروش، جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏوھه جو ارتڪاب ڪري ٿو ته ان لاءِ قانون ۽ عدالتون موجود آھن، اھڙن سنگين ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس ايمرجنسي بنيادن تي خاص عدالتن ۾ اڪلائي کين قانون موجب سزا ڏيڻ گھرجي، جيئن ويجهي ماضي ۾ پنجاب جي شهر قصور ۾ معصوم زينب جي قتل وارو ڪيس تڪڙو اڪلائي سندس قتل جي جوابدار محمد عمران کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي ۽ ان تي عمل درآمد پڻ ڪيو ويو. هو

جيڪڏھن ڪو شخص انجام کان بي خبر بڻجي ڪنھن نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿي ڪو ڏوھه ڪري ٿو ته ان جي ردِعمل ۾ اسان جي ادارن، پوليس کي سوچي سمجھي، ٿڌي دماغ سان ۽ صلاح مشوري سان  ان عمل جو ورجاءُ ھرگز نه ڪرڻ گھرجي. ڏوھه، ڏوھه ئي ھوندو آھي پوءِ اھو ڪو ڏوھاري ڪري يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا.

دعا سولنگي جيترو وقت گم ھئي، حد جي پوليس سندس وارثن سان ڳولا جي معاملي ۾ ڪو ساٿ نه ڏنو، جڏھن معصوم نياڻيءَ جو لاش سندس وارثن کي ھٿ آيو ته پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ڪجھه ئي گھڙين ۾ جوابدار جو پتو پڻ  لڳائي ورتو ۽  کيس پڪڙي ڪيلن جي فصل ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو. جيڪڏھن پوليس دعا سولنگي جي گمشدگيءَ جو اطلاع ملندي ئي سندس ڳولا ۾ وارثن جي مدد ڪري ھا ته شايد ھڪ معصوم زندگيءَ موت جي منھن ۾ وڃڻ کان بچي پوي ھا.

ٻئي طرف حيدرآباد پوليس پنھنجي ڌار ڌار ڪاررواين ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، جن تي اھو الزام لاڳو ڪيو پيو وڃي ته اھي منشيات فروش ھئا.

ڇا حيدرآباد ۾ رڳو اھي ٻئه منشيات فروش آھن، جن کي قتل ڪري ھڪ سماجي برائي کي ختم ڪيو ويو آھي؟ حيدرآباد پوليس ھٿان قتل ٿيل ٻئي ڄڻا جيڪڏھن منشيات فروش آھن ته لازمي ڳالھه آھي اھي نوان نه ھوندا، ان کان پھريان پوليس کين ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو؟ ڇا حيدرآباد ۾ هلندڙ سڀئي منشيات جا اڏا پوليس بند ڪرائي ڇڏيا آهن؟ جيڪڏهن نه ته قتل ٿيل منشيات فروش ڪنهن ڏيتي ليتي جي معاملي ۾ ماريا ويا آهن. ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري نه سگهندو ته جيڪڏهن پوليس پنهنجي تي اچي ته ملڪ مڪمل طور منشيات کان پاڪ ٿي سگهي ٿو ۽ هزارين گهر اجڙڻ کان بچي سگهن ٿا.

ڪجھه مھينا اڳ حيدرآباد پوليس قتل جي جوابدار راشد ملاح کي پڻ گرفتار ڪري جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو ھو، راشد ملاح پاڙي ۾ واقع هڪ پيٽرول پمپ جي  مالڪ کي پلاٽ جي معاملي تي قتل ڪري سنگين ڏوھه جو ارتڪاب ڪيو پر حيدرآباد  پوليس کيس قتل ڪري ان کان به وڌيڪ ڏوھه ڪيو هو پر ان جو اڄ تائين نه ته ڪنھن پوليس جي اعلي عملدار ۽ نه ئي عدالتن نوٽيس ورتو.

عدالتن کان مٿاھان قتل ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن، ان جو سبب اھو ئي آھي ته پوليس جي ان عمل جي اھي ماڻھو به واکاڻ ڪندي نظر اچي رھيا جيڪي سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتل جي خلاف احتجاج ڪندا رهن ٿا، جيڪڏھن اسان پوليس جي جڙتو مقابلن جي حق ۾ ھنبوڇيون ھڻندا رھنداسين ته پوءِ اسان ان ڳالھه جو حق به وڃائي ويھنداسين ته ڪنھن سان ٿيل رياستي ڏاڍ جي مذمت ڪريو.

ادارن جو آئيني ۽  قانوني حدن کان ٻاھر نڪري ڪارروائي ڪرڻ وارو عمل سماج ۾ ڀڃ ڊاھه جو سبب بڻجي ويندو ۽ ان سان ملڪ ۾ لاقانونيت وڌندي جنهن سبب  اسان جي اکين اڳيان بھاول نگر جھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويندا، جتي طاقتور ماڻهو ڪمزورن ماڻهن تي ظلم ڪرڻ پنھنجو پيدائشي حق سمجھڻ لڳندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.