ھندستان جو پاڙيسرين سان ڦٽائڻ چونڊ ايجندا جو حصو آھي ؟

ھندستان   جا ٻن پاڙيسري  ملڪن چين ۽ پاڪستان سان  ڏھاڪن کان لاڳاپا  ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، پر ويجھڙائي  جي ڪجهه واقعن کان پوءِ  نئين دهلي جي ويجهو رھندڙ  پاڙيسري ملڪ جهڙوڪ بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، سريلنڪا ۽ مالديپ پڻ  هندستان خلاف آواز اٿاري رھيا آھن.

ھندستان   ۽ سريلنڪا  ۾ تلخيءَ ان وقت اڀري جڏھن ھندستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر گذريل هفتي هڪ نيوز ڪانفرنس دوران سري لنڪا جي ٻيٽ ’ڪچاتيوو‘ جو ذڪر ڇيڙيو.

هي پٿريلو ۽ ويران ٻيٽ هندستان جي ڏاکڻي ساحل ۽ سريلنڪا جي اترئين علائقي جي وچ ۾ واقع آهي. ٻيٽ سريلنڪا جي ملڪيت آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اڳ ڪو تڪرار بھ ناهي.نھ رڳو ايترو پر اھو  ٻيٽ هندستان جي ڀيٽ ۾ سري لنڪا جي وڌيڪ ويجهو آهي ۽ 1921ع ۾ به سريلنڪا جي انگريز حڪمرانن جي قبضي هيٺ هو. تاريخي طور تي هي ٻيٽ ڪڏهن به هندستان جي قبضي ۾ ناھي رهيو. 1974 ۾ هندستان ۽ سري لنڪا  ۾ هڪ معاهدي تحت ٻيٽ تي سريلنڪا جو اختيار تسليم ڪيل آھي.

پر تازو پرڏيهي وزير جي شنڪر جو چوڻ آهي ته اهو ٻيٽ ان وقت جي ڪانگريس حڪومت جي ڪمزوريءَ سبب سريلنڪا حوالي ٿي ويو. اڳ ۾ نريندر مودي به تامل ناڊو ۾اوچتو ٻيٽ جو ذڪر ڪيو ھو.

ٻنهي ملڪن جي سفارتي حلقن جو خيال آهي ته ھندستاني  اندروني سياست لاءِ سريلنڪا سان غير ضروري تڪرار کڙو ڪيو ويو آھي.پر هندستان جي سياسي شخصيتن جي لهجي مان لڳي ٿو ته انهن کي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي خراب ٿيڻ تي ڪا ڳڻتي ناهي.

وزيراعظم نريندر مودي هڪ جلسي ۾ چيو هو ته ھندستان   اڳ جهڙو ڪمزور ملڪ ناهي رهيو، هاڻي ان جي طاقت سڄي دنيا ۾ محسوس ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف بنگلاديش ۾ ھندستان  خلاف اٿندڙ آواز وزيراعظم نريندر مودي جي بيان جي ابتڙ آهن.تازو بنگلاديش ۾ هندستاني ٺاهيل شين جي بائيڪاٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ۽ ان مهم جي پويان اپوزيشن پارٽيون ھيون.

سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڌرين  تاثر ڏنو  ته ھندستان  دراصل بنگلاديش جي وزيراعظم حسينه واجد جي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آھي.

ماضي ۾ ھندستان  کي ويجھو رھندڙ پاڙيسري ملڪ مالديپ  پڻ ھاڻي پري ٿي رھيو آھي اتي گذريل چونڊن ۾ نعرو ھو تھ ”ھندستان  واپس وڃو “  ۽ اهو نعرو بلند ڪندڙ محمد معيزو  چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو.

اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نئين صدر محمد معيزو مالديپ ۾ موجود 100 ھندستاني فوجين کي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏنو ھو.ڀوٽان خطي ۾ ٽيون ملڪ آهي جيڪو هندستان جي اثر مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ماضي ۾ ھندستان  جي سالياني بجيٽ ۾ ڀوٽان لاءِ امدادي رقم مختص ڪئي وئي هئي.

بهرحال ڀوٽان هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي ٺاهي رهيو آهي ۽ چين سان بهتر سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش  ۾ آھي.

گذريل سال ڀوٽان جي وزيراعظم لوتي شيرنگ پڻ ”ڊوڪلام“ واري علائقي ۾ پنهنجو موقف نرم ڪيو ھو ان ھنڌ، هندستان ۽ چين  ۾ تڪرار  آهي.ھن تڪراري جابلو  علائقي تي چين ۽ ڀوٽان ٻنهي جي دعويٰ آهي. ڪجهه سال اڳ هندستاني ۽ چيني فوجين وچ ۾ اتي جهڙپ ٿي هئي.

ھندستان   جو نيپال سان به پراڻو سرحدي تڪرار آهي.ڪجهھ وقت اڳ  نيپال جي معاملن تي اختلافن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا ھئا.هاڻي نيپال به چين جي ويجهو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي ۽ بيجنگ اتي ايئرپورٽ، هاءِ وي جي تعمير ۽ وڏن منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي معاملن جي تجزيه نگار غزاله امين موجب ھندستان   کي پاڙيسري ملڪن سان خراب ٿيندڙ لاڳاپن تي ڳڻتي تھ آھي  پر ھو ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ جو  چين جي اچڻ کانپوءِ خطي ۾ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي.

هن چيو ته چين وٽ  وسيلا آهن ۽ اھو (نيپال، ڀوٽان، مالديپ وغيره) ۾ پنهنجي اثر وڌائڻ لاءِ هر قسم جي مدد آڇي رهيو آهي. ان ڪري انهن ملڪن جو چين ڏانهن راغب ٿيڻ فطري عمل آهي.

غزالا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي واحد تنظيم سارڪ هاڻي لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ميمبر ملڪ سمجهن ٿا ته ھندستان  جي  روش سبب  تنظيم ھلي نھ سگھي.هن چيو ته واجپائي  هجي يا مودي  سندن سمورو ڌيان آمريڪا سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي رھيو آهي. ھندستان  جي وچولي طبقي لاءِ آمريڪا ھڪ خوابن جي سرزمين آهي ۽ لکين شاگرد اُتي پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا، مودي حڪومت جو آمريڪا ڏانهن جھڪاءُ  فطري آهي.پرڏيھي ماھر جو خيال آھي تھ  پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ھندستان  جي مفاد ۾ نھ آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.