ڪوتا ناول ”منهنجو ڏک“ جو انگريزي ۾ ترجمو: سنڌي ادب لاءِ به سنوَڻُ آهي

تحرير: محمد علي پٺاڻ

زندگي ھونئن ته ڪيترن ئي ڏکن ۽ حادثن سان مُنھن مقابل ٿيندي رهي ٿي، پر انهن ۾ ڪي ڏک ۽ حادثا جھڙوڪر جيئري موت جو منظر پسائيندڙ ۽ ان جيتري اذيت ۾ مبتلا ڪندڙ ھُجن ٿا. امڙ جي لاڏاڻي کان پوءِ استاد ۽ دلبر دوست انور پيرزادي جو لاڏاڻو به منھنجي حياتيءَ جو وڏو حادثو ھو. اھڙو ڏک جو اڻ کٽ جهنگل ھو، جنھن ۾ اڄ به باھِ لڳل آهي ۽ ان جا شعلا وقت جي سترھن سالن جي وڇوٽيءَ بعد به آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ آهن. جنھن ۾ ھن سان زندگيءَ ڀر ساٿ نڀائڻ وارا لاڳاپيل منھنجا ڪيترائي خواب اڄ به جلندا، پچندا ۽ ڏکن جي عذابن جا نوان نوان دروازا کوليندا رھن ٿا.

ھي ڪتاب، جنھن جو عنوان مون "منھنجو ڏک” رکيو آهي ۽ جو انور پيرزادي جي حياتيءَ جي داستان پڻ آهي، سو منھنجي ڪيترين ئي ڏک جي ڪربناڪ گهڙين ۽ لڙڪن جي ٽچڪندڙ سمنڊَ جو قلم جي زبان ذريعي اھڙو اظھار آهي، جيڪو دانھُن، ڪوڪن، اوڇنگارن، پارن، اوسارن ۽ سڏڪن مان لفظ جوڙيندو، پاڻمرادو ڪنھن طاقيي جيان کُلندو ۽ ڳالهين جي ڳوٺن جا رنگَ کڻي درياهه جي ڪنھن وڏي ٻوڏ جي روپ ۾ ڪاغذن جي ڌرتيءَ تي دڳ پيچرا ٺاھيندو، ھلندو ويو آهي.

ان مسلسل ڏک واري سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتاب جو، ڪجهه ئي مھينن ۾ منھنجي پياري دوست، گورنمينٽ علامه اقبال ڪامرس اينڊ آرٽس ڊگري ڪاليج (بوائز) ماڊل ڪالوني، ڪراچيءَ جي پرنسپال پروفيسر علي شير گهانگهري جو انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمو مون لاءِ ته ڪنھن وڏي اعزاز جو باعث آهي ئي، پر سنڌي ادب لاءِ به سٺو سنوَڻُ آهي، جو اُھو ان حوالي سان عالمي ٻوليءَ جي تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي. جنھن لاءِ مان مترجم جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.

ان سان گڏ مان گل محمد عمراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻُرڙي، مئڊم مھتاب اڪبر راشدي، پروفيسر محمد ھاشم سولنگي، پروفیسر مختيار سَمي، پروفيسر ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڄام جمالي ۽ انور بلوچ جو پڻ احسانمند آھيان، جن مھاڳ، پيش لفظ ۽ ٻيا ليک پنھنجي حياتيءَ جي قيمتي گهڙين مان وقت ڪڍي لکي، ھن ڪتاب جي زينت بڻايا.

آخر ۾ ڪونج اڪيڊمي/پيڪاڪ پبلشرس جو به ٿورو ڳڻائڻ لازمي ٿو سمجهان، جنھن ھن ڪتاب جي اشاعت ۾ دير نه لاتي ۽ ترت ڇپائي اوهان جي ھٿن تائين رسايو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.