جنرل عاصم منير ڊاڪٽرائن ۽ ھڪ نقطه نظر

تحرير: اختر حسين ايڊووڪيٽ

آخري حصو

جنرل عاصم صاحب فرمايو تھ ”رياست طيبھ جو مطلب پاڪ رياست آھي ۽ پاڪستان جو مطلب پڻ پاڪ ماڻھن جي رھڻ جي جاءِ آھي.اللھ پاڪ سعوي عرب کي تيل جي صورت ۾ قدرتي وسلين سان نوازيو آھي تھ پاڪستان تي پڻ گھڻيون ئي نوازشون ڪيون آھن.گليشيرز،درياھ ۽ بلوچستان ۾ معدني ذخيرا وغيره اسين جيڪڏھن فائدو نٿا کڻي سگھون تھ اسان جو ڏوھ آھي.اسان اولھھ جي ڪلچر کي اختيار ڪري ورتو…اصل ۾ اسين گھڻا ناشڪرا  آھيون“

جنرل صاحب اوھان اھو تھ فرمايو تھ رياست طيبھ جو مطلب پاڪ رياست آھي ۽ مسلمانن ۾ پاڪ تھ اھا ان ڪري آھي اتي خانا ڪعبھ آھي ۽ مسجد نبوي آھي ۽ اھا پيغمبرن جي سرزمين آھي پر اتي جيڪا خدا جي خلق رھي ٿي ان جي باري ۾ بھ فرمايو ھجي ھا شيخ ۽ بدو ۾ اڃان پڻ فرق ڇو آھي؟بادشاھت ڇو قائم آھي،ڇا اھو بادشاھت جو نظام اسلامي آھي ؟ ۽پوءِ ڇا سموري عرب جي خطي ۾ شيخڊم اينڊ ڪنگڊم فلسطينين ۽ فلسطينين جي سرزمين جا محافظ آھن يا آمريڪا يا اولھھ جي سامراجي مفادن جي حفاظت ڪري رھيا آھن.اڄ تائين رڳو غزا ۾ 6 مھينن ۾ 30 ھزار کان وڌيڪ فلسطين جو اسرائيل قتلام ڪيو آھي.70 ھزار کان وڌيڪ زخمي آھن.گھر ۽ اسپتالون ناس ٿي ويا آھن،جيڪي زندھ آھن اھي زندھ رھڻ جي قابل نھ آھن.نوجوان نسل اڳيان انھن تڪرارن جو ذڪر ضروري ھو.پاڪستان جي باري ۾ تھ اوھان چئي ڇڏيو تھ پاڪ ماڻھن جي رھن جي جاءِ آھي پر ٿورو انھن پاڪ ماڻھن جي 76سالن جي تاريخ جو جائزو ورتو وڃي.ھتي جي اقليتن جو ذڪر تھ ڇڏيو ھتي ھڪڙو مسلمان ٻئي کي ڪافر ڇو ٿو چئي ۽ جيڪڏھن اھا مذھبي فرقھ پرستي،انتھا پسندي ۽ جھالت آھي تھ ڇو آھي ۽ جيڪڏھن اھا اسان جي حڪمرانن جي تعليمي،معاشي و سياسي پاليسين جي سبب آھي تھ ان جو ذميوار ڪير آھي ۽ ڇا اھي پاليسيون ھاڻي بھ جاري آھن يا انھن ۾ تبديلي جي ضرورت آھي.جي آھي تھ ان جي نشاندھي نوجوان نسل جي اڳيان ڪرڻ ضروري نھ آھي تھ جيئن پاڪ سرزمين جي تعمير طرف اڳڀرائي ٿي سگھي.

جيتري قدر ترقي جو مسئلو آھي سعودي عرب  تھ تيل جي دولت استعمال ڪئي ۽ ترقي بھ ڪئي،پوءِ چاھي ان جي تيل جي دولت جي بنياد تي اولھھ جو سامراجي ملڪن ان کان ڪئين  ڀيرا وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ اسرندڙ ملڪن جي معيشت ۽ سياست تي پنھنجي گرفت ۽ پنجوڙ  اڃان مضبوط ڪيو.پاڪستان اڻڳڻين وسيلن يعني گليشيئر،درياھ، زرعي زمين ۽ ٻين وسيلن ھوندي ترقي ڇو نھ ڪئي. اسان جو ملڪ غلامي،قرض،بي روزگاري،غربت،جھالت ۾ ڇو ٻڏو پيو آھي ۽ دنيا جي غريب ترين ۽ قرضي ملڪن جي فھرست ۾ سڀ کان  پوئتي ڇو آھي.جمھوري ادارا ڪمزور ڇو آھن.ڇا نوجوان نسل اڳيان ان معاشي،سماجي،بدحالي جي ۽ جمھوري ادارن جي ڪمزوري جا سبب ۽ ان مان نڪرڻ جي لاءِ ايندڙ پاليسي بيان ڪرڻ ضروري نھ آھي.

پھرين زراعت جو ئي ذڪر ڪريون، ھي بنيادي طور زرعي ملڪ سڏجي ٿو.56 سيڪڙو آبادي زراعت تي ڀاڙي ٿي.پر زمين جي وڏي ملڪيت ارڙھين ۽ اڻويھين صديءَ ۾ انگريز جيڪا لينڊيڊ ارسيٽو ڪريسي قائم ڪئي ھئي.ان جي ھٿ ۾ آھي.اڄ بھ جاگيرداري ۽ وڏي زمينداري جي باقيات موجود آھي.46 سيڪڙو زرعي آبادي زمين جي حق کان محروم آھي،ٿاڻي ڪلچر،ڪچھري ۽ تعلقن تي انھن وڏن زميندارن جو اثر آھي.ان ڪري پارليامينٽ ۽ سياسي اقتدار انھن طبقن جي بالادستي آھي.پاڪستان جي جڙڻ بعد جئين جئين فوجي نوڪرشاھي جي بالادستي قائم ٿي ان حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي پڻ زرعي زمين جي الاٽمينٽ شروع ڪري ڇڏي.آفيسرن جو زراعت سان ڪو تعلق نھ ھو.انھن اھا زرعي زمين ٺيڪيداري (مقاطيداري) ۾ ڏئي ڇڏي.گھر ويھي ڪري لکين رپيا ڪمايا ۽ زمين داري نظام جا محافظ بڻجي ويا.زرعي سڌارن جي تاريخ ڊگھي آھي.ان ۾ پوڻ بجاءِ مان ھتي اھو چوڻ چاھيان ٿو تھ زرعي سڌارا ۽ زمين بي زمين ھارين ۽ ليت مزدور ۾ ورھائڻ تھ ھڪ طرف اسان جي حڪمرانن جي ڪا زرعي پاليسي ئي نھ رھي.تھ ڪھڙو فصل ڪھڙي علائقي ۾ پوکڻ گھرجي ۽ مارڪيٽ جو تعين ڪئين ٿيندو.پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ وڏي حصي ۾ زمين جي ملڪيت ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورھايل آھي.ان جي مجموعي ايراضي ( ڪنساليڊيشن آف لينڊ) بھ نھ ٿيل آھي.اھو لازمي ھو تھ جئين زرعي پئداوار ۽ ملڪيت وارن جي آمدني ۾ اضافو ٿئي.سرڪاري زمين تي اجتماعي پوکي راھي کي ڪوآپريٽو فارمنگ شروع ڪرڻ جي بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو،نوي لک ايڪڙ زمين فوج کي الاٽ ڪئي وئي، اھا اڳيان ٺيڪي تي ٻاھرين ۽ ملڪي ڪمپنين کي ڏيندا.ھاڻي انھن ڪروڙين بي زمين ھارين،کيت مزدورن طور استحصال جاري رھندو.اڄ اسين زرعي ملڪ ھوندي زرعي جنسون ٻاھران گھرائڻ تي مجبور ڇو آھيون.صنعتي پسماندگيءَ،بنيادي صنعتن قائم نھ ڪرڻ ۽ جيڪي اسٽيل مل جيان قائم ٿيون بھ انھن کي تباھ ڪرڻ جو ذميوار ڪير آھي.گئس،تيل سون،ٽامي،سيلڪون وغيره جي انتھائي قيمت معدنيات جي ذخيرن ھئڻ باوجود اسين انھن کان محروم ڇو آھيون؟

بين الاقوامي سامراجي ملڪن جي بالادستي ڇو آھي،ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي قرض ۾ ڦاٿل غلام ڇو آھيون.انھن پاليسين جو بھ نوجوان نسل سان گھرو تعلق آھي ۽ انھن سمورين ناڪامين جو انھن جي سامھون بيان ڪرڻ لازمي آھي. احترام سان چئجي ٿو تھ سڀ ڪجهھ ٺيڪ آھي، ٺيڪ آھي  چوڻ سان سڀ ٺيڪ نھ ٿي ويندو.اٺ پکي جيان واري ۾ منھن ڳچي لڪائڻ سان مسئلا حل نھ ٿيندا،حقيقت کي منھن ڏيڻو پوندو.اوھان چئو تھ ٿورڙي سختي سان ماڻھون رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين.جناب ھي ٿورڙي سختي نھ آھي،ماڻھون پنھنجي زندگيءَ جي حق کان محروم آھن.ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جو حق تعليم،روزگار،صحت جو علاج ۽ رھڻ لاءِ گھر جي ڇت بنا زندگيءَ بي معنيٰ آھي.اسان کي ان وقت کان ڊڄڻ گھرجي،ڇاڪاڻ جو جيڪڏھن انھن جون رڙيون نھ ٻڌيون ويون تھ پوءِ اھي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا ۽ رتوڇاڻ ٿيندو ۽ اڄ جو نسل ان مان گذرڻو پوندو. ان ڪري لازمي ھو تھ اسان جي انھن سماجي مسئلن ۽ معيشت جي انھن پاسن تي اوھان روشني وجھو ھا.

جنرل صاحب اوھان درست فرمايو تھ اوھان ڊي جي، آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي، ايم آءِ، رھيا آھيو ۽ سياست کان چڱي ريت واقف آھيو،پر اوھان فرمايو تھ ” اسان جي سياست يا ادارا اسان جي سوسائٽي جو عڪس آھن. جيڪڏھن سوسائٽي سئو سيڪڙو فرشتن تي ٻڌل ھجي ھا ۽ اسان جون حڪومتون خراب ھجن ھا تھ اسين شڪايت ڪري سگھياسين پئي.پر سوسائٽي پنھنجو پاڻ کي بھتر ڪرڻ بجاءِ اھا توقع ڪري ٿي تھ بھتر حڪومت ۽ ادارا ملن ائين نٿو ٿي سگھي….ھي تقسيم الله جي آھي …..۽ ذھني انتشار ۽ چڙ سوشل ميڊيا جي پئدا ڪيل آھي. انڪري مان ان سوشل ميڊيا کي شيطاني ميڊيا چوان ٿو…سوشل ميڊيا تي 95 سيڪڙو ڪوڙ ھوندو آھي،،،نوجوان تحقيق ڪن…

ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ اوھان اسان جي ملڪ جي سياست بابت سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.ڇاڪاڻ جو ماضي جي تجربن جي روشني ۾ اھو تاثر قائم آھي تھ حڪمران طبقن جي ورھاست واري سياست ۾ اوھان جي مينجمينٽ لازمي آھي.

پر اوھان جو اھو فلسفو تھ اسان جي سياست يا ادارا اسان جي سوسائٽي جو عڪس آھن ۽ جيڪڏھن سوسائٽي يعني سمورو عوام سئو سيڪڙو فرشتا بڻجي وڃن تھ حڪومت پڻ سٺي ھوندي آھي،يعني جيڪڏھن عوام خراب آھي تھ حڪومت سٺي نٿي ٿي سگھي.يعني غلطي عوام جي آھي.قيادت جو ڪو ڏوھ نھ آھي.

حضور معذرت سان عرض آھي تھ ائين ھجي ھا تھ پيغمبر دنيا ۾ نھ اچن ھا.اسلام جي پيغمبر عرب جي جاھل معاشري کي پنھنجي رھنمائي سان درست ڪيو ھو.ھو اڳ ۾ امين ۽ صديق ھو تھ ماڻھن ان جي پيغمبري جي دعويٰ کي تسليم ڪري ورتو.سموري انساني تاريخ شاھد آھي تھ قيادت معاشري يا سوسائٽي کي پنھنجي رھنمائي سان درست ڪيو يا ان جي برائي جي ڪري کائي يا اوندھ ڏانھن ويو آھي.اسان جا اڳواڻ پنھنجي ڪردار جي اونداھي پاسن کي لڪائڻ جي لاءِ چون ٿا تھ جھڙي قوم تھڙا فرشتا، يعني قوم خراب تھ ان جا ليڊرز يا قائد خراب آھن.

جناب معاملو ان جي ابتڙ آھي.جيڪڏھن ڪنھن قوم کي اڳواڻ بھتر ملي ويو تھ ان جي اڳواڻي جي پيروي ڪندي سموري قوم سرخرو ٿيندي آھي.قائد اعظم جي قيادت مسلم ليگ ۽ برصغير جي مسلمانن جي رھنمائي ڪئي ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو ھاڻي پاڪستان جي تعمير ۾ ان جي فلسفي ۽ آئين ساز اسيمبلي ۾ صدر چونڊجڻ بعد 11 آگسٽ 1947ع جي ھن جي ڏور انديش زرين خيال ۽ نظريات تي ٻڌل تقرير کان منھن موڙڻ بعد حڪمران اسان کي پسماندگي،انڌيرن ۽ فرقھ واريت ڏانھن آندو ۽ اڄ اسين جنھن فرقھ واريت،تقسيم، معاشي،سياسي و سماجي قيادت جي سببان آھيون،نڪي عوام جي ڪري آھيون.ان قيادت ۾ ٽيھن ٻٽيھن سالن کان وڌيڪ ان فوجي قيادت جو دخل آھي.ھي سياسي و فوجي قيادت جا فيصلا ۽ پاليسيون ھيون،جنھن جي ڪري اڪثريت آبادي وارو مسلمانن جو ملڪ ۽ پاڪستان جو حصو اوڀر بنگال جتي قيادت 1940ع جي قراردار پيش ڪئي ھئي.اسان کان جدا ٿي ڪري آزاد ٿي ويو ۽ غربت جو شڪار پاڪستان اڄ بنگلاديش جي صورت ۾ اسان کان معاشي و سياسي ترقي ۾ گھڻو اڳيان آھي.اھو ڪريڊٽ ان جي قيادت کي وڃي ٿو.تنھنڪري پاڪستاني سماج ۾ ترقي جي لاءِ ھڪ ئي اھڙي ئي قيادت ۽ سياسي جماعت جي گھرج آھي.جيڪا ھن گھڻ قومي رياست جي حقيقتن کي نھ رڳو تسليم ڪري بلڪھ ان تي عمل ڪندي حقيقي وفاقي پارلياماني رياست کي مضبوط ڪري جتي وفاقي ايڪن کي پنھنجي معاشي وسيلن سان محرومي جو احساس نھ ٿئي.اھڙي سياسي قيادت جيڪا فرقيواريت جي اونداھي ۾ ٻاھر ڪڍي ملڪ ۾ رھندڙ سمورن مذھبن کي مڃيندڙ جا برابري جي بنياد تي حق تسليم ڪري،اھڙي قيادت جيڪا بنيادي معاشي پاليسيون پورھيو ڪندڙ ماڻھن جي نقطھ نظر سان جوڙي،اولهھ جي سامراجي معاشي و سياسي پنجوڙ مان نجات ڏياري ۽ ملڪ کي پنھنجي پيرن تي کڙو ڪري،قرض واري غلامي ۾ آجپو ڏياري،ھر شھري جي گريجوئيشن تائين تعليم مفت لازمي قرار ڏئي.صحت علاج ۽ رھڻ جي لاءِ ڇت مھيا ڪري. ان سان نئين سوسائٽي جي تعمير ٿيندي، نئون باشعور انسان جنم وٺندو ۽ ترقي ڪندو. اھو سمورو سياسي قيادت جو ڪم آھي.جھڙي قيادت ھوندي ۽ ان جي سياسي جماعت ھوندي، ان جي پاليسين ۽ عملي زندگيءَ سان اھڙي ئي سوسائٽي اڀرندي مٿي ويندي.

جنرل صاحب غرض آھي تھ الله سڀني کي برابر پئدا ڪيو آھي.ھي غريب امير ۽ سٺي خراب جي ورڇ انسان جي پئدا ڪيل آھي.الله جي پيغمبرن تھ رڳو نيڪي ۽ سڀني جي برابر حقن جي تبليغ ڪئي آھي.اسان جا علماءَ جڏھن لائوڊ اسپيڪر آيو ھو تھ ان خلاف فتويٰ ڏني ھئي تھ اھو شيطاني چرخو آھي.ڪئميرا جي تصوير ۽ گھڙي کي بھ بدعت قرار ڏنو ھو.چنڊ تي وڃڻ تي بھ ڪفر جي فتويٰ ڏني ھئي.مون کي ياد آيو تھ چيف جسٽس محمد افضل ظلھ جي زماني ۾ مولوين ھڪ پٽيشن داخل ڪئي ھئي تھ فوٽو حرام آھي ۽ فوٽو ڇڪرائڻ کان منع ڪئي وڃي،ڪيترائي ڏينھن بحث ٿيندو رھيو تھ ھڪ ڏينھن جناب عابد حسين منٽو ايڊووڪيٽ پنھنجي ڪيس جي سلسلي ۾ ظلھ صاحب جي عدالت ۾ داخل ٿيو.ڪارروائي روڪيندي چيف جسٽس کيس ڏسي چيو تھ توھان ھن سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪريو، تھ منٽو صاحب چيو تھ ان اڳ جو مان ڪجهھ عرض ڪريان،پھرين تھ اوھان پنھنجي پويان لڳل قائد اعظم جي تصوير لاھيو، پوءِ اوھان ججز ۽ شاگرد پنھنجن پنھنجن پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊن سرينڊر ڪريو،پوءِ مان ڳالھائيندس تھ فورن ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.

جناب سوشل ميديا بھ اڄ جي حقيقت آھي،عوام تائين ۽ خاص ڪري نوجوانن تائين جن سان اوھان مخاطب ھئا،انھن جي سوشل ميديا تائين رسائي کي اوھان روڪي نٿا سگھو.ھا ان جا مثبت ۽ منفي پھلو آھن.رياست ان کي ڪھڙي ريت ڪنٽرول ڪري سگھي ٿي اھو بھ قيادت طرفان ماڻھن جي تربيت تي ڀاڙي ٿو تھ ان جو استعمال ڪھڙي طرح ڪن،ملڪي قيادت پنھنجي معاشي،سياسي وسماجي ۽ تعليمي پاليسن سان ئي ذھنن ۾ صفائي ۽ چٽائي پئدا ڪري سگھي  ٿي.

جناب نوجوانن کي جيتوڻيڪ سوالن جو صفا گھٽ موقعو مليو پر پوءِ بھ ٻھ ٽي سوال بروقت ھئا.يعني سٺي حڪمراني جا مسئلا جنھن بابت مٿي عرض ڪري چڪو آھيان ۽ پوءِ تعليم ۽ صحت جو مسئلو ۽ اھو ھر شھر ۾ سي ايم ايڇ قائم ڪئي وڃي. ان مطالبي جو ڊي ايڇ اي، سان ڪو مقابلو نھ آھي.سي ايم ايڇ يعني اسپتال تھ سمورن شھرين جي لاءِ بنيادي انساني ضرورتن ۾ اچي ٿي.پر ڊي ايڇ اي، جو قيام تھ ڪاروباري آھي جيڪو عام ماڻھن جي لاءِ نھ آھي.يعني ھر وڏي شھر ۾ جتي ڪنٽونمينٽ  قائم ٿيل آھي اتي شھر جي بھترين زمين صوبائي حڪومتن کان ھٿ ڪري پھرين فوجي آفيسرن کي پلاٽ ڀڳڙن جي مٺ تي الاٽ ڪيا ويندا آھن ۽ پوءِ انھن جي خريداري وڪري جو ڪاروبار ٿئي ٿو.ھاڻي شھرن ڀرسان زرعي زمينون حاصل ڪيون پيون وڃن.جئين ملتان ۾ ڊي ايڇ اي جيڪا بھترين زرعي زمين ھئي انبن جو باغ ھو.ھزارين انبن جا وڻ وڊيا ويا ۽ ھڪ خاص طبقي جو منافعي وارو ڪاروبار جاري آھي.

شھرن ۾ غريبن جي ڪچين آبادين کي ڇو ڊاٿو ويندو آھي. انھن جون جھوپڙيون ۽ ڪچا گھر تھ زندھ رھڻ جي لاءِ ڇت جو حق آھي.

جنرل صاحب فرمايو تھ ”رياست ماءِ جيان ھوندي آھي،ڪڏھن سٺي حالت ۾ ھوندي ڪڏھن خراب حالت ۾ ھوندي،جيڪڏھن ماءَ بيمار ھجي تھ ڇا ان کي ڇڏي ڏينداسين“  اھو ھڪڙو نقطھ نظر آھي، اسان فلسفي ۾ اھو پڙھيو آھي تھ رياست جبري مشين ھوندي آھي.اھي ٻئي پھلو آھن،ماءُ جو ڪردار پنھنجي ٻارن يا عوام کي سٺي زندگيءَ ڏيڻ آھي.تعليم،روزگار،صحت ۽ رھڻ جي لاءِ ڇت جي جيڪا انساني زندگيءَ جي بنيادي گھرج آھي.جيڪڏھن 76 سالن ۾ ماءَ اھا ڏيڻ کان لاچار آھي ۽ ٻارن جي معصوماڻي گھرجن تي انھن کي سزا ٿي ڏئي ۽ کاتي وار ڪارروائي ڪري ٿي تھ شڪايت ضرور پئدا ٿيندي ۽ جبر جي صورت ۾ بغاوت جنم وٺي سگھي ٿي.ڇڏڻ جي نھ پر اھو ڏسڻ جي ضرورت آھي تھ ماءُ ڪمزور ۽ بيمار ڇو آھي ۽ ڇا ان جو ذميوار عوام اھي يا حڪمران آھن.جن جي ھٿن ۾ رياست جي واڳ آھي.پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل ست ۾ رياست جي تعريف آھي تھ ” رياست پارليامينٽ،وفاقي حڪومت،صوبائي اسيمبليون،صوبائي حڪومت ۽ اھي ادارا جيڪي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا تي ٻڌل آھي“ تھ پوءِ ان جا ذميوار پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمران آھن نڪي عوام.رياست جي ڪمزوري ۽ بيماري جا ذميوار اھي آھن.جن جي ھٿن ۾ اختيار آھن ۽ تعمير جي ذميداري پڻ.ان ڪري مان چيو تھ جيڪڏھن حڪمران ۽ قيادت بھتر ھوندي تھ عوام جي تربيت پڻ انھن کي ڏسندي بھتر ٿيندي ۽ جيڪڏھن اھا خود غرض،بدديانيت ۽ ڪرپٽ ھوندي تھ ان جو بھ اھو ئي اثر ٿيندو.تنھنڪري رياست يا ماءُ جي ڪمزوري جو ڏوھ عوام جي مٿان نھ وجھي سگھجي.

مقصد ھيءُ آھي تھ ھر شخص جي ڏسڻ جي نظر آھي،تھ اھو ڪھڙي نظر سان ڏسي ٿو.عام غريب پورھيت جي نظر سان يا اڳ کان رعايت حاصل ڪيل طبقي جي نظر سان، حڪمران پنھنجي معاشي،سماجي پاليسيون ڪھڙي نظر سان جوڙين ٿا. ان کي اڄ جي نوجوان کي ڏسڻ جي ضرورت آھي.اميد آھي تھ توھان بھ ان تي آئيندا روشني وجھندا.

 

(ليکڪ: سپريم ڪورٽ جو سينئر ايڊووڪيٽ

۽ عوامي ورڪرز پارٽي جو صدر آهي)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.