بهاول نگر واقعي جي لازمي طور جاچ ڪري رپورٽ پڌري ڪئي وڃي

بهاول نگر جو واقعو جنهن کي سڀ انتهائي افسوس جوڳو واقعو قرار ڏئي رهيا آهن سو پنهنجي جوهر ۾ ڪو نئون واقعو ناهي. پوليس ۽ قانون لاڳوڪندڙ اهلڪارن وچ ۾ ٿيل اهو پرتشدد واقعو اصل ۾ لاقانونيت جي دائري ۾ اچي ٿو، هڪٻئي جي آئيني ۽ قانوين اختيارن توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي دائري ۾ اچي ٿو. جيڪو هتي معمول طور رهيو آهي.

رپورٽون آهن ته پوليس اهلڪارن، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار جي هڪ مائٽ کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ سندس گهر تي چڙهائي ڪئي ته سندس گهر وارن مزاحمت ڪئي ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي ڪمري ۾ بند ڪيو.(گهرن اندر ليڊي پوليس موڪلڻ گهرجي ها، جيڪا پڻ مرد پوليس اهلڪارن جي غلطي هئي جيڪا به نئين ڳالهه نه هئي) ان تي اي ايس آءِ محمد نعيم ايس ايڇ او رضوان عباس کي موقعي تي ان هنڌ اچڻ جو چيو جنهن تي ايس ايڇ او ۽ ٻيا اهلڪار ڀت ٽپي جوابدارن جي گهر ۾ داخل ٿيا. ان تي گهر ڀاتين پاڙي وارن کي گڏ ڪري باقي پوليس اهلڪارن کي به ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس اهلڪارن جي نفري جاءِ واردات تي پهچي وئي ۽ پوليس اهلڪارن کي ڇڏائڻ کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙن اهلڪار جي مائٽ محمد انور جٽ، ان جي پٽ سيڪيورٽي اهلڪار محمد خليل ۽ ٻين مزاحمت ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ مدرسه ٿاڻي تي محمد انور، ان جي پٽ ۽ گهر جي عورتن سميت 23 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي. ان واقعي جي رد عمل ۾ 10 اپريل تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڏي انگ ۾ پوليس خدمت سينٽر پهتي جتي انهن ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سڄي ٿاڻي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.

ان واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي سخت عوامي رد عمل ظاهر  ٿيو آهي، تجزيي نگارن پنهنجا تجزيا پيش ڪيا آهن، سياسي جماعتن ۽ حڪمرانن جو پنهنجو پنهنجو نقطئه نظر آهي جنهن کان پوءِ پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بهاول نگر جي واقعي تي سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن تي ٻڌل ٽيم شفاف انڪوائري ڪندي، باقي رياستي ادارن ۽ سرڪاري کاتن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش جي اجازت نه ڏبي.

اهو موقف نه رڳو آءِ ايس پي آر جو آهي پر هر سنجيده حلقي جو آهي. اهڙن واقعن جي واقعي به جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ اها شفاف ئي هئڻ گهرجي اسان وٽ رڳو رپورٽن ۽ جاچ جون ڳالهيون ٿينديون آهن پرعملي طور رپورٽون ظاهر ناهن ڪيون وينديون ۽ نه ئي انهن رپورٽن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. نتيجي ۾ اڇي ڪاري جي خبر نه پئجي سگهندي  آهي. جڏهن ڪنهن به واقعي جو سبب ئي جاچ ذريعي ظاهر نه ٿيندو ته اڳتي ان نوعيت جي واقعن کي ڪيئن روڪي سگهبو. اسان هميشه حقيقتون لڪائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهيون، جنهن سبب معاملا سڌرڻ بدران بد کان بد ٿيندا رهندا آهن. معاملن ۾ اصلاح ۽ سڌارو تڏهن ايندو جڏهن واقعن جي حقيقت کي وائکو ڪبو ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ملنديون. ان روشني ۾ پوءِ ئي اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. جيڪڏهن حقيقتون ظاهر ئي نه ٿينديون، ڪوتاهين ۽ غير ذميوارين جي پروڙ ئي نه پوندي ته انهن تي ڪيئن ضابطو آڻي سگبو.

بهاول نگر جي واقعي جي به حقيقت معلوم ٿيڻ گهرجي ته ان ۾ ڪير ڏوهي وار آهي، ڪير ملوث آهي، ڪنهن پنهنجي آئيني حدن کان نڪرڻ ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته هتي سرڪاري ادارا پاڻ لاقانونيت ۾ ملوث رهندا آيا آهن. لاقانونيت کي انهن ئي هٿي ڏني آهي. انهن ئي ڏوهارين، دهشت گردن ۽ بدي جي طاقتن کي هٿي ڏني آهي. جيڪڏهن هتي آئين ۽ قانون کي هر قيمت تي بالادست رکيو وڃي ته چوويهن ڪلاڪن اندر واهان کي ڏوهارين، دهشت گردن ۽ بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ نيست ۽ نابود ٿيندو نظر ايندو.

نظرياتي ۽ اصولي طور تي ته اها ڳالهه درست آهي ته رياستي ادارن ۽ سرڪاري کاتن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جون سازشون نه ٿيڻ گهرجن پر صرف ۽ صرف معاملن کي سازشون چئي پنهنجين ڪمزورين، غفلتن ۽ غير آئيني ڪمن توڙي غير ذميوارين تي پردو وجهڻ به درست ناهي. ڪو به شخص يا ڪو به ادارو آئين ۽ قانون کان مٿانهون نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي سمجهڻ گهرجي پر اسان جي ملڪ اندر اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ۽ طاقت ور ادارن کي هر قسم جي لاقانونيت جي ڇوٽ مليل هوندي آهي جنهن ڪارڻ سڄي ملڪ جو نظام لاقانونيت جي ور چڙهي ويو آهي.

ان لاقانونيت کي روڪڻ جو هڪڙو ئي سگهارو طريقو آهي سو اهو آهي ته ڪنهن به واقعي کي لڪايو نه وڃي پر انهن تي لازمي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ان روشني ۾ اڳتي لاءِ بهتر انتظام ڪري سگهجن.

 

نوشڪي واقعي، ڪمزور حڪومتي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪري ٿو

نوشڪي لڳ قومي شاهراهه تي دهشت گردن بس مان 9 مسافرن جي سڃاڻپ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو اهو واقعو دهشتگردن جي ڏاڍ ۽ ديدا دليري جو نه رڳو کليو نماءُ آهي پر ڪمزور حڪومتي نيٽ ورڪ کي پڻ وائکو ڪري ٿو. اهڙا دهشت گردي جا واقعا هتي ٿيندا رهيا آهن پر انهن  کي روڪڻ جو ڪو برجستو انتظام ناهي ٿي سگهيو. دهشت گرد ڪير به هيا، سندن ارادو ڇا به هو. اهو واقعو ڪو مذهبي پسمنظر ٿو رکي يا سياسي حقيقت ۾ اهو حڪومت جي ناقص ۽ بدترين نيٽ ورڪ جي نه رڳو نشاندهي ڪري ٿو پر حڪومت به ڪري ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته بلوچستان جو موجوده وڏو وزير سرفراز بگٽي دهشت گردن جي ان چئلينج کي قبول ڪري ٿو يا نه.

بظاهر ته هر دور ۾ هر حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهي آهي. دهشت گردن کي تباهه ڪري ڇڏبو پر عملي طور ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي. دهشت گرد هر قسم جي واردات ڪري وڃن ٿا پر حڪومت انهن وارداتن کي اڳواٽ ناڪام ته نه ٿي ڪري پر انهن دهشت گردن کي پوءِ پڪڙي به نه ٿي سگهي. اهو سڀ اسان جي ملڪي سيڪيورٽي جي ڪمزور ترين ۽ ناقص ڪارڪردگي جو نتيجو آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هر واقعي کي دشمن ملڪن جي سازش قرار ڏئي ڪري پنهنجين ڪمزورن تي پردو نٿو وجهي سگهجي. هاڻي دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.