سرهاڙي ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت

سرهاڙي/نيو سعيد آباد  (نمائندن وٽان ) سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ رمضان انڙ ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب راند ڪندڙ 4 ٻارڙا دٻجي ويا، 2 ٻارِڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ٻارڙن کي زخمي حالت ۾ سرهاڙي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ٻارڙن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، گهر ۾ قيامت صغرا برپا ٿي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4  ٻارڙا ظهور، حيرا، اشرف ۽ ابوبڪر راند ڪندي دٻجي ويا، ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي سرهاڙي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ٻارڙن جو علاج نه ٿي سگهيو ۽ هو فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو سندن مٿان ڀت ڪري پئي، رڙين تي ڳوٺاڻن پاران مسلسل ڪوششن بعد لاش ڪڍيا، 2 ٻارڙا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ سرهاڙي اسپتال آندو ويو، سرهاڙي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ، وڏي وزير مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڏکايل خاندانن سان ملاقات ڪري، سندن ٻارن کي دفنائڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي، ڊهي ويندڙ ڀت جي ٻيهر تعمير ڪرائي وڃي. وڏي وزير سوڳوارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.