ڪراچي(پ ر) حب پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي اوچتي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر ايم ايس جي رائزنگ مين متاثر ٿي ويئي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب اطلاع ملڻ تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن فوري طور موقعي تي پهچي ڪري متاثر لائين جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجينئر اسدالله خان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته متاثر لائين جي بحالي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ چيف انجينئر بلڪ واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو ته متاثر لائين جي مرمت جو ڪم ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ھن ٻڌايو ته حب ڊيم مان شهر کي پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي ۽ لائين متاثر ٿيڻ سبب ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل جا ڪجهه علائقا متاثر ٿيندا، ھن شهرين کي درخواست ڪندي چيو ته اھي پاڻي احتياط سان استعمال ڪن ته جيئن کين ڪنهن به پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.