پاڪ ڀارت ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن:آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي حوالي سان ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي اعترافي بيان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت الزامن جي وچ ۾ نه ٿا پون.پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ميڊيا رپورٽس ڏسي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ڀارت الزام تراشي ۾ ڦاسڻ نٿا چاهيون.ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.پريس ڪانفرنس دوران ميٿيو ملر آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستاني هم منصب جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اينٽوني بلنڪن اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڀائيواري جي تصديق ڪئي، پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ميٿيو ملر چيو ته اسحاق ڊار سيڙپڪاري ۽ پارٽنرشپ کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.