اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور آرٽيفيشل انٽيليجنس(اَي آءِ) چيٽ بوٽ چيٽ جِي پِي ٽِي ۽ پروگرامنگ ايجنٽ ڪوڊيڪس ذريعي تيار ڪرايل لکڻين ۾ نظر نه ايندڙواٽر مارڪ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
نئين تبديلي جو مقصد مشينن کي اها سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي ته ڪا لکڻي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي ذريعي تيار ڪئي وئي آهي يا نه.
ڪمپني طرفان 5 آڪٽوبر جي رات اعلان ڪندي ٻڌايو ويو ته يورپي يونين ۾ اها تبديلي لازمي هوندي، جڏهن ته دنيا جي ٻين علائقن ۾ اها اختياري هوندي.
لارج لينگويج ماڊلز هڪ وقت ۾ هڪ لفظ لکندا آهن ۽ ايندڙ لفظ جو تعين ڪندا آهن.
اوپن اي آءِ جو نئون ٽيڪسٽ واٽر مارڪنگ سسٽم ”ٽيڪسٽ گرين“ ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
اهڙيءَ ريت اَي آءِ ڊيٽيڪشن مشينن کي اهو طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي ته ڪا لکڻي اَي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي يا نه.
ڪمپني موجب يورپي يونين جي ملڪن ۾ چيٽ جي پي ٽي ۽ ڪوڊيڪس ۾ ٽيڪسٽ واٽر مارڪنگ ايندڙ ڪجهه هفتن دوران متعارف ڪرائي ويندي.
اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ چونڊيل ماڊلز جي اَي پي آءِ واهپيدارن کي به اهو نئون فيچر دستياب هوندو، پر ڊيفالٽ طور اهو اختياري رکيو ويندو.
بهرحال، هي واٽر مارڪ ٽول رڳو محققن ۽ ماهرن لاءِ دستياب هوندو.
You might also like