اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڳالهين جي نئين آڇ جو جواب ڏيندي چيو آهي ته ڳالهين جو سلسلو ٽٽڻ ئي نه گهرجي ها، ڳالهين کي لانگ مارچ سان مشروط نه ڪيو وڃي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هو اڳ به اهو موقف اختيار ڪري چڪا آهن ته اڄ نه ته سڀاڻي ڌريون ڳالهين جي ميز تي ويهي سگهن ٿيون ۽ ڪنهن حل تائين پهچڻ تائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
هن چيو ته ڳالهين ۾ وقفو اچڻ ئي نه گهرجي ها، ڌريون مسلسل ۽ باقاعدگي سان ويهن، ضرور ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي ڳالهين جا ٻه دور ٿيا، جيڪي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت مان لانگ مارچ شروع ڪيو.
اڄ وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف لانگ مارچ ۽ ڌرڻو ختم ڪري ته حڪومت ويهي ڳالهين لاءِ تيار آهي.
ان تي ردعمل ڏيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڳالهين کي لانگ مارچ سان مشروط نه ڪيو وڃي.
هن ان تاثر کي به رد ڪري ڇڏيو ته ڳالهين جي ناڪامي جي ذميواري خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي تي لاڳو ٿئي ٿي.
بئريسٽر گوهر موجب، تحريڪِ انصاف اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو رڳو فوٽو سيشن لاءِ ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪندي، پر سنجيدا ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي خواهشمند آهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پنهنجا خدشا ميز تي رکي، ڪيترن ئي گڏجاڻين ۾ انهن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ها.
بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف بنا ڪنهن اڳواٽ شرط جي حڪومت سان ڳالهين واري عمل ۾ شامل ٿي، پر حڪومت سنجيدگي ۽ وڏي دلي وارو رويو نه ڏيکاريو، جيڪو هن عمل لاءِ ضروري هو.
ڳالهين کي لانگ مارچ سان مشروط نه ڪيو وڃي، وزيراعظم جي آڇ تي بئريسٽر گوهر جو جواب
You might also like