ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڳي ميڪا سنگهه پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۽ پاڪستاني مسلمانن بابت ڳالهائيندي سوال اٿاريو آهي ته ڀارت ۾ ڪيئي ماڻهو پاڪستاني مسلمانن کي ناڪاري نظر سان ڇو ٿا ڏسن، جڏهن ته دبئي جي مسلمانن کي پسند ڪن ٿا.
هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ميڪا سنگهه چيو ته 2019ع ۾ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ اتان جا ماڻهو بُرا ناهن.
ميڪا سنگهه موجب، پاڪستان جي دوري دوران مسلمانن سکن جي مقدس ماڳن تي سندن خدمت ڪئي.
هن چيو ته جڏهن هو پاڪستان ويو ته ڪيئي مسلمان، جيڪي اسان جا ڀائر آهن، گردوارن ۾ خدمت ڪندا ۽ صفائي ۾ مدد ڪندا هئا.
پاڪستان بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ميڪا سنگهه چيو ته ڀارت ۾ پاڪستاني مسلمانن کي ناپسند ڇو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته دبئي جي مسلمانن کي پسند ڪيو ويندو آهي؟ پاڪستان خراب ناهي، پاڪستان جا ماڻهو بلڪل خراب ناهن، مان اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو آهيان.
ميزبان طرفان پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڀارتي راڳي دلجيت دوسانجهه بابت سوال تي ميڪا سنگهه چيو ته کيس پاڪستاني ڳائڻن جي ڀارت ۾ پرفارم ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.
ميڪا سنگهه چيو ته بالي ووڊ هر پاڪستاني گلوڪار جي آجيان ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ڀارتي فنڪار پاڪستان ۾ پرفارم ڪن ٿا ته انهن کي به لازمي طور تنقيد جو نشانو نه بڻائڻ گهرجي.
هن ٻڌايو ته جڏهن کيس پاڪستان ۾ پرفارم ڪرڻ جي دعوت ملي ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ کيس گردواري تائين پڄڻ جو موقعو مليو هجي، هن لاءِ اهو معاملو پئسن کان وڌيڪ اهم هو.
واضح رهي ته 2019ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ شادي کان اڳ ٿيل تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ تي ميڪا سنگهه کي ڀارتي فلمي صنعت طرفان پابندي کي منهن ڏيڻو پيو هو.
8 آگسٽ 2019ع تي ڪراچي ۾ سندس پرفارمنس جي وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارت ۾ سخت ردعمل سامهون آيو هو.
ڀارتي فلمي تنظيمن ڳائڻي تي قومي مفاد بدران پئسن کي ترجيح ڏيڻ جو الزام لڳائيندي سندس بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.
پاڪستاني مسلمان بُرا، دبئي جا مسلمان ڀلا ڇو؟ ميڪا سنگهه ڀارتين جي سوچ تي سوال اُٿاري ڇڏيا
You might also like