ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ 10 ٽيمن جي لائين اَپ مڪمل، ويسٽ انڊيز کي ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏڻو پوندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027ع لاءِ ٻن ميزبان ملڪن سميت 10 ٽيمن سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ٽن مان ٻن ميزبان ملڪن ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي سميت 30 سيپٽمبر 2026ع تائين آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن تي موجود 8 ٽيمن ورلڊ ڪپ لاءِ سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪيو.
سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئن آسٽريليا، ڀارت، پاڪستان، نيوزيلينڊ، انگلينڊ، سريلنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش شامل آهن، جڏهن ته ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن رهندڙ ويسٽ انڊيز کي ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏڻو پوندو.
ورلڊ ڪپ 2027ع ۾ مجموعي طور 14 ٽيمون حصو وٺنديون ۽ سيمي فائنل کان اڳ 3 مختلف رائونڊز کيڏيا ويندا.
پهريون رائونڊ: سپر سيريز
هن رائونڊ ۾ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ ٽيمن سان گڏ رنر اَپ ٽيم حصو وٺندي ۽ ڪُل 3 ميچون کيڏيون وينديون.
ٽاپ پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيم ٻئي رائونڊ، يعني گروپ مرحلي ۾ رسائي حاصل ڪندي.
ٻيو رائونڊ: گروپ مرحلو
هن مرحلي ۾ سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ 10، ڪواليفائنگ رائونڊ جي ونر ۽ سپر سيريز جي ونر سميت ڪُل 12 ٽيمن کي 6-6 جي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو.
ٻنهي گروپن ۾ رائونڊ رابن جي بنياد تي مجموعي طور 30 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن کانپوءِ ٻنهي گروپن جون ٽاپ 3، 3 ٽيمون ۽ ٻنهي گروپن مان مجموعي طور چوٿين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيم سپر 7 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.
ٽيون رائونڊ: سپر 7
سپر 7 مرحلو مڪمل رائونڊ رابن جي بنياد تي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ 7 ئي ٽيمون هڪ ٻئي خلاف هڪ، هڪ ميچ کيڏنديون. اهڙيءَ ريت هن مرحلي ۾ مجموعي طور 21 ميچون ٿينديون.
آءِ سي سي طرفان سپر 7 مرحلي لاءِ امڪاني پري سيڊنگ ۾ ڀارت، آسٽريليا، پاڪستان، انگلينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا شامل آهن.
بهرحال اها پري سيڊنگ حتمي ناهي ۽ گروپ مرحلي جي نتيجن کانپوءِ ان ۾ تبديلي ممڪن آهي.

You might also like