سُٺي ۽ بُري خبر گڏ، پيٽروليم شين جي اگهن بابت اهم تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ پيٽرول مهانگو ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 18 پئسا في ليٽر واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 91 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي نون اگهن جو تعين اڄ اوگرا ڪندو، جنهن کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن پاران باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
گذريل ڏينهن حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 88 پئسا في ليٽر واڌ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 88 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
هن وقت پيٽرول جي قيمت 393 رپيا 64 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 397 رپيا 76 پئسا في ليٽر آهي.

You might also like