جوهري خطي ۾ فوجي اَي آءِ سان خطرا وڌي سگهن ٿا، ذميواري الگورٿم تي نٿي مڙهي سگهجي: شرميلا فاروقي

اروشا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شرميلا فاروقي تنزانيا جي شهر اروشا ۾ ٿيل انٽر پارليمنٽري يونين( آءِ پي يو )جي 153هين اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي بابت قائم ڪيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي فوجي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي ( ملٽري اَي آءِ ) لاءِ ذميواراڻي ضابطن بابت پاڪستان جو ڊگهي عرصي کان جاري موقف اجاگر ڪيو.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي چيو ته پاڪستان مسلسل ان ڳالهه جي حمايت ڪندو رهيو آهي ته فوجي مصنوعي ذهانت جي استعمال دوران بامقصد انساني فيصلن ۽ انساني ڪنٽرول کي يقيني بڻايو وڃي.
هن چيو ته فوجي اَي آءِ لاءِ عالمي ضابطا تيار ڪيا وڃن، اعتماد سازي ۽ خطرن ۾ گهٽتائي جا قدم کنيا وڃن، جڏهن ته مڪمل طور آٽو ميٽڪ هٿيارن بابت قانوني طور پابند عالمي ضابطا جوڙيا وڃن.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ ڪجهه روايتي هٿيارن بابت ڪنوينشن ( سِي سِي ڊبليو) تحت ان موقف کي فعال طور اڳتي وڌائيندو رهيو آهي، جنهن ۾ موتمار آٽو ميٽڪ هٿيارن جي نظام بابت هڪ عالمي قانوني معاهدي جون تجويزون پڻ شامل آهن.
هن چيو ته پاڪستان فوجي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي ذميواراڻي استعمال بابت علائقائي مشاورتي اجلاس پڻ اسلام آباد ۾ ڪوٺايا ڪيا آهن.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته جوابدهي ڪنهن الگورٿم حوالي نٿي ڪري سگهجي، طاقت جي استعمال بابت فيصلن ۾ بامقصدانساني فيصلن کي مرڪزي حيثيت حاصل رهڻ گهرجي.
هن چيو ته فوجي مصنوعي ذهانت جي رفتار فيصلو سازي لاءِ موجود وقت کي محدود ڪري سگهي ٿي، جنهن سبب غلط اندازن ۽ غير ارادي ڇڪتاڻ ۾ واڌ جا خطرا وڌي سگهن ٿا، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا جهڙي جوهري خطي ۾.
قومي اسيمبلي جي ميمبر چيو ته فوجي مصنوعي ذهانت بابت عالمي ضابطا گڏيل گهڻ طرفي عمل ذريعي تيار ٿيڻ گهرجن، جنهن جو بنياد گڏيل قومن ۾ هجي ۽ جنهن ۾ اُسرندڙ ملڪن کي به برابر آواز حاصل هجي.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي چيو ته مصنوعي ذهانت جنگ کي تيز ڪري سگهي ٿي، اسان جي ذميواري اها يقيني بڻائڻ آهي ته اها دنيا کي تڪرار ڏانهن وڃڻ واري عمل کي تيز نه ڪري.

 

You might also like