دنيا جي سڀ کان وڏيءَ عمر واري ۽ ٻي نمبر وڏيءَ عمر واري مردن پنهنجي 114هين ۽ 113هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون. ٻنهي جي سالگرهه سومر ڏينهن هئي.
برازيل جو زوا مارينهيو نيٽو 114 ورهين جو ٿي ويو، جڏهن ته آسٽريليا جي ڪين وِڪس پنهنجي 113هين سالگرهه ملهائي. ٻنهي ڄڻن دنيا جي ٻن مختلف کنڊن مان هڪ ٻئي کي تصويرن وسيلي سالگرهه جون واڌايون ڏنيون.
تصويرن ۾ ٻنهي وڏيءَ عمر وارن کي هڪ ٻئي جي سالگرهه جي واڌائي وارا ڪارڊ هٿن ۾ کڻي بيٺل ڏسي سگهجي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نيٽو ۽ وِڪس جي ڄمڻ ۾ بلڪل هڪ سال جو فرق آهي.
لونجيوي ڪوئسٽ ۽ گينيز عالمي رڪارڊ موجب، ٻئي ڄڻا هن وقت دنيا جا سڀ کان وڏيءَ عمر وارا ۽ ٻئي نمبر تي وڏيءَ عمر وارا جيئرا مرد آهن.
نيٽو نومبر 2024ع ۾ 112 ورهين جي عمر ۾ دنيا جو سڀ کان وڏيءَ عمر وارو جيئرو مرد بڻيو هو ۽ ان وقت کان اهو اعزاز سندس نالي آهي.
ٻئي پاسي دنيا جي سڀ کان وڏيءَ عمر واري عورت ايٿل ڪيٿرهيم ڪجهه مهينا اڳ 117 ورهين جي ٿي چڪي آهي.
لونجيوي ڪوئسٽ جي ماهر بين مائرز موجب، نيٽو جو 114 ورهين جي عمر تائين پهچڻ هڪ غيرمعمولي ڪاميابي آهي، جڏهن ته سندس نظر ۾ اها عمر ڪيٿرهيم جي عمر کان به وڌيڪ ناياب آهي.