طبعيات بابت نوبيل ڪميٽي جي چيئرمين مارڪ پيئرس چيو ته فرانسس هالزن محققن ۽ انجنيئرن جي هڪ عالمي ٽيم جي اڳواڻي ڪندي هڪ شاندار سائنسي ڊوائس تيار ڪئي.
سندس چوڻ هوته فرانسس هالزن جي ثابت قدمي ۽ سائنسي بصيرت فلڪيات جي هڪ نئين قسم جي راهه هموار ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 82 ورهين جي فرانسس هالزن جو تعلق بيلجيم سان آهي ۽ هو آمريڪا جي يونيورسٽي آف وِسڪونسن-ميڊيسن سان واڳيل آهي.
نوبيل ڪميٽي سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته سندس لاءِ اهو اعلان هڪ وڏو سرپرائز هو ۽ کيس ان جي ڪا اميد نه هئي.
آئس ڪيوب نيوٽرينو آبزرويٽري انٽارڪٽيڪا جي ڏکڻ قطب تي قائم هڪ تحقيقي مرڪز آهي، جنهن جي اڳواڻي يونيورسٽي آف وِسڪونسن-ميڊيسن ڪري ٿي.
رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز اسٽاڪ هوم ۾ نوبيل انعام جو اعلان ڪيو، هن سال انعام جي مجموعي رقم لڳ ڀڳ 12 لک آمريڪي ڊالر آهي.
آئس ڪيوب نيوٽرينو آبزرويٽري جي سائنسدان فرانسس هالزن فزڪس جو نوبيل انعام ماڻي ورتو
You might also like