نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان، ڀونيشور ڪمار جي چئن سالن بعد واپسي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪپتاني شرياس اَئيَر ڪندو، جڏهن ته تلڪ ورما کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
اعلانيل اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر طور سنجو سيمسن ۽ ايشان ڪشن شامل آهن،
ان کانسواءِ اَڀيشيڪ شرما، ويڀَو سوريا ونشي، اڪشر پٽيل، شيوم دوبي، نتيش ڪمار ريڊي، نمن ڌير، پرنس يادَو، ميانڪ يادَو، ارشديپ سنگهه، ڀونيشور ڪمار، ورون چڪرورتي ۽ ڪُلديپ يادَو کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
ڀونيشور ڪمار جي اٽڪل چئن سالن کانپوءِ ڀارتي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، هن آخري ڀيرو آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف سيمي فائنل مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي هئي.

You might also like