آمريڪي بحريه جو هيليڪاپٽر ڳاڙهي سمنڊ مان اوچتو گم

آمريڪي بحريه جو هيليڪاپٽر سعودي عرب جي ويجهو ڳاڙهي سمنڊ ۾ هنگامي حالتون مڙهڻ جي اعلان کانپوءِ اوچتو غائب ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن آمريڪي بحريه جو هيليڪاپٽر ڳاڙهي سمنڊ جي مٿان اڏڻ دوران هنگامي حالتن جي اعلان کان ڪجهه دير پوءِ عوامي طور تي موجود فلائيٽ ٽريڪنگ ڊيٽا تان غائب ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب، هيليڪاپٽر سڪورسڪي ايم ايڇ-60 آر سي هاڪ (Sikorsky MH-60R Seahawk) اوڀر واري وقت موجب تقريبن شام جو 5 بجي 20 منٽن تي سعودي عرب جي اولهه واري ساحل تي واقع شهر ينبع جي ويجهو هنگامي حالت جو اعلان ڪيو.

فلائيٽ ٽريڪنگ ڊيٽا موجب، هنگامي حالت جي اعلان واري وقت هيليڪاپٽر تقريبن 475 فوٽن جي بلنديءَ تي هو، جنهن کانپوءِ ظاهر ٿيندڙ اڏام جي اوچائي ٻُڙي (زيرو) تائين ڪري پئي ۽ پوءِ هيليڪاپٽر ٽريڪنگ سروس تان غائب ٿي ويو.

سومر جي شام تائين آمريڪي بحريه واقعي جي سرڪاري طور تصديق نه ڪئي هئي ۽ نه ئي هيليڪاپٽر جي عملي يا ان جي هاڻوڪي صورتحال بابت ڪائي ڄاڻ ڏني هئي، جڏهن ته هنگامي حالت جو اصل سبب به ترت معلوم نه ٿي سگهيو هو.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪجهه رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هيليڪاپٽر امڪاني طور حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي، پر ان جي ڪرڻ يا تباهه ٿيڻ جي ڪائي سرڪاري تصديق ناهي ٿي.

You might also like