سلمان خان جو ڪيريئر بچائيندڙ فيصلو! اداڪار جي اصل طبيعت ڪهڙي آهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان چيو آهي ته راندين جي پروگرام ’دس ڪا دم‘ کيس اهڙو فيصلو ڪرڻ کان بچائي ورتو، جنهن تي پوءِ کيس پڇتاءُ ٿي سگهي ها.

سلمان خان تازو ماضيءَ جون يادون تازيون ڪندي ٻڌايو ته هن 2008ع ۾ نشر ٿيندڙ راندين جي پروگرام ’دس ڪا دم‘ جي ميزباني ڪرڻ کان شروعات ۾ انڪار ڪري ڇڏيو هو.

60 ورهين جي اداڪار، جيڪو هن وقت ’بگ باس‘ جي 20هين موسم جي ميزباني سبب خبرن ۾ آهي، ٻڌايو ته سندس والد سليم خان ان فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

’بگ باس‘ جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي زندگيءَ جو مثال ڏيندي سلمان خان چيو ته مان اوهان کي پنهنجي زندگيءَ جو مثال ڏيڻ چاهيان ٿو. مون ’مين ني پيار ڪيا‘ سميت ڪيتريون ئي فلمون ڪيون، پوءِ هڪ پروگرام ملڻ کانپوءِ ٽيليويزن تي آيس.

هن چيو ته ان وقت منهنجي باري ۾ هر پاسي کان تمام گهڻيون ناڪاري ڳالهيون ٿي رهيون هيون. عدالتي معاملن کان وٺي رشتن ۽ منهنجين فلمن تائين، هر معاملي تي بحث ٿي رهيو هو.

اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي خلاف ايتريون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، جو مون ’دس ڪا دم‘ پروگرام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هر اخبار ۽ ٽيليويزن چئنل تي هر پاسي کان مون کي تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو.

سلمان خان چيو ته مون پنهنجي پيءُ سان ڳالهائي کانئس صلاح گهري ته هنن مون کي چيو ته مان اهو پروگرام ڪريان ۽ پروگرام ۾ پاڻ کي بلڪل ائين پيش ڪريان، جيئن مان اصل ۾ آهيان.

سلمان خان چيو ته ’دس ڪا دم‘ جي ميزباني ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن سندس اڳوڻين فلمن کي لڳ ڀڳ وساري ڇڏيو ۽ سڀني جو ڌيان ان پروگرام ڏانهن ٿي ويو.

واضح رهي ته راندين جي پروگرام ’دس ڪا دم‘ سلمان خان جي عوامي ساک تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس فني سفر ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو.

You might also like