جرمنيءَ جو اڳوڻو انٽيليجنس سربراهه جاسوسي ۽ غداري جي الزام هيٺ گرفتار

برلن (ويب ڊيسڪ)جرمني جي اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه آگسٽ هيننگ کي جاسوسي، غداري ۽ هڪ پرڏيهي قوت لاءِ ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
جرمن فيڊرل پراسيڪيوٽر آفيس موجب، آگسٽ هيننگ 1998ع کان 2005ع تائين جرمن فيڊرل انٽيليجنس سروس”بي اين ڊي“ جو سربراهه رهيو ۽ ان کانپوءِ هو خانگي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيو هو.
پراسيڪيوٽرن جو الزام آهي ته هن هڪ پرڏيهي انٽيليجنس سروس لاءِ ”ڄاڻ جو تجزيو“ ڪرڻ جي مقصد سان ڳجهي ڄاڻ استعمال ڪئي ۽ هڪ ٻي پرڏيهي انٽيليجنس سروس سان رابطي ۾ رهيو، ان باوجود تحقيق ڪندڙن اڃا تائين اهو ظاهر ناهي ڪيو ته ان معاملي ۾ ڪهڙيون پرڏيهي قوتون ملوث آهن.
ان کانسواءِ پوليس بي اين ڊي جي هڪ اڳوڻي اهلڪار مينفريڊ ڊي کي پڻ گرفتار ڪيو آهي، جنهن تي الزام آهي ته هن پئسن عيوض هيننگ کي لڳ ڀڳ 2 هزار ڳجها دستاويز فراهم ڪيا. مينفريڊ ڊي تي به غداري جي ڪوشش ۽ جاسوسي ۾ سهڪار جا الزام لڳايا ويا ويا آهن.
مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آگسٽ هيننگ کي منسٽر ڀرسان نورڊوالڊ ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته مينفريڊ ڊي کي باويريا مان حراست ۾ ورتو ويو.
مينفريڊ ڊي کي اڱاري ڏينهن، جڏهن ته آگسٽ هيننگ کي اربع ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو جرمن انٽيليجنس ايجنسي کي اهڙي سنگين معاملي کي منهن ڏيڻو پيو هجي.
ان کان اڳ 2023ع ۾ به روس کي رياستي راز فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ اعليٰ انٽيليجنس اهلڪار خلاف غداري جو ڪيس هلايو ويو هو

You might also like