”خبردار متان ائين ڪيو ٿوَ“ سعودي ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت اهم هدايتون جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ(پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊرون حملن بابت تصويرون، وڊيوز ۽ غير تصديق ٿيل اطلاع شيئر نه ڪن.
لاهور مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي وڌيڪ چيو ته سعودي قانونن ۽ گهرو وزارت جي هدايتن تي مڪمل طور عمل ڪيو وڃي، جڏهن ته قانون جي ابتڙ تبصرن ۽ افواهن کان پڻ پاسو ڪيو وڃي.
هن چيو ته سوشل ميڊيا جو غير ذميواراڻو استعمال خوف ۽ هراس ۽ غلط ڄاڻ جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته ڄاڻ لاءِ رڳو سعودي عرب جي سرڪاري ۽ مستند ذريعن تي ڀروسو ڪيو وڃي.

You might also like