ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن ۾ چيڪ ڪليئرنگ جو نظام تبديل ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي وئي آهي، جنهن تحت چيڪ جي اصل ڪاپي بدران ان جي اليڪٽرانڪ تصوير ذريعي ڪليئرنگ ڪئي ويندي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ چيڪ ڪليئرنگ جو نظام جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، پاڪستان ايڪسپريس ڪليئرنگ سسٽم جو پائلٽ مرحلو 15 آڪٽوبر 2026ع کان شروع ٿيندو، جڏهن ته ملڪ ۾ هي نظام مڪمل طور تي 30 اپريل 2027ع تائين لاڳو ڪيو ويندو.
نئون ڪليئرنگ سسٽم ڪيئن ڪم ڪندو؟
نئين نظام تحت جڏهن ڪو واهپيدار پنهنجو چيڪ بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندو ته بئنڪ ان چيڪ کي اسڪين ڪري ان جي اليڪٽرانڪ تصوير ڪليئرنگ هائوس يعني نِفٽ ڏانهن موڪليندي.
نِفٽ اها اليڪٽرانڪ تصوير لاڳاپيل برانچ ڏانهن موڪليندو، جيڪا تصوير ۽ ان مان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي رقم منتقل ڪرڻ يا چيڪ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي.
فزيڪل چيڪ جو ڇا ٿيندو؟
ڪاغذي چيڪ ان ئي بئنڪ وٽ رهندو، جتي اهو جمع ڪرايو ويو هوندو، جيستائين ڪليئرنگ هائوس ان کي وصول نه ڪري.
ان باوجود جيڪڏهن لاڳاپيل بئنڪ کي چيڪ جي اصليت يا ان جي تصوير بابت ڪو شڪ هجي ته اها چيڪ کي ”Defer for Physical“ طور مارڪ ڪري ڪاغذي چيڪ طلب ڪري سگهي ٿي.
چيڪ اسڪين ڪرڻ جا 2 طريقا
جنهن بئنڪ برانچ ۾ چيڪ جمع ڪرايو ويندو، اها پنهنجي مخصوص اسڪينر ذريعي چيڪ اسڪين ڪري ان جي تصوير نِفٽ جي سسٽم ڏانهن موڪليندي.
جيڪڏهن ڪنهن برانچ وٽ اسڪيننگ جي سهولت موجود نه هوندي ته نِفٽ پاڻ اهو چيڪ گڏ ڪري اسڪين ڪندو ۽ ان جي تصوير لاڳاپيل بئنڪ ڏانهن موڪليندو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، پائلٽ مرحلو 15 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين محدود بئنڪن ۽ ادارن ۾ جاري رهندو، جنهن کانپوءِ 16 نومبر کان 31 ڊسمبر تائين اهو نظام ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ انهن جي برانچن تائين مرحليوار وڌايو ويندو.
هن نظام جو مقصد چيڪ ڪليئرنگ ۽ سيٽلمينٽ جي عمل کي وڌيڪ تيز، اثرائتو ۽ محفوظ بڻائڻ سان گڏ ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائيگين جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.