اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جو چوڻ آهي ته رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪري پيٽروليم ليوي بابت جاري ڳالهين جي حوالي سان وزيراعظم جو پيغام پهچايو آهي.
جماعت اسلامي جي پڌرائيءَ موجب، احسن اقبال ٽيليفون تي رابطو ڪري وزيراعظم شهباز شريف طرفان جماعت اسلامي جي قيادت سان ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ليا قت بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وچ ۾ ملاقات لاءِ جماعت اسلامي ۽ حڪومتي ڪميٽين طرفان جلد شيڊيول طئي ڪيو ويندو.
هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات طئي ٿيل شيڊيول موجب ٿيندي، جڏهن ته ملاقات جي انتظامي ۽ ٻين معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جماعت اسلامي ۽ حڪومتي ڪميٽي وچ ۾ تفصيل جلد طئي ڪيا ويندا.
ليا قت بلوچ موجب، وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير جي امڪاني ملاقات ۾ پيٽروليم ليوي جي خاتمي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم سان ملاقات دوران بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ آءِ پي پيز بابت معاملن تي پڻ ڳالهائيندو.
جماعت اسلامي مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم ليوي مڪمل طور ختم ڪئي وڃي.
احسن اقبال جو لياقت بلوچ سان رابطو، پيٽروليم ليوي تي ڳالهين لاءِ وزيراعظم جو پيغام پهچايو
You might also like