ڀارت عالمي ڪپ کٽائيندڙ ڪپتان جو وڏو فيصلو، هرمن پريت ڪور سمورن فارميٽس جي ڪپتاني ڇڏي ڏني

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت ڪور سمورن فارميٽس جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هرمن پريت ڪور سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي هڙني فارميٽس ۾ ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، هرمن پريت جي جاءِ تي سمرتي منڌنا کي ٽيم جي قيادت ملڻ جو امڪان آهي.
رپورٽن موجب، گوهاٽي ۾ بي سي سي آءِ جي جائزي واري اجلاس کانپوءِ هرمن پريت ڪور ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته اڄ سڀني فارميٽس ۾ ٽيم جي قيادت ڇڏي آهي، اهو فيصلو سولو نه هو، ڪيترن ئي سالن جا لمحا ۽ ايموشن ان سان واڳيل آهن.
هن چيو ته ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ هوءَ هاڻي رانديگرياڻي طور ڀارت ڪرڪيٽ جاري رکندي.

You might also like