اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ وفاق جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تحت اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پيٽروليم واري وزارت ۽ پاور ڊويزن جون به ڳالهيون جاري آهن.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف شوگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ وفاق جي شوگر پاليسي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي، سنڌ جي اختلاف سبب شوگر پاليسي طئي نه ٿي سگهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي ناڻي واري وزارت جي اختيارين سان اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي.
آءِ ايم ايف آٽو پاليسي ۾ اي ويز کي حاصل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف واهپيدارن کي وزيراعظم فيول سبسڊي ڏيڻ تي راضي آهي.
عالمي مالياتي فنڊ مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول سبسڊي ۾ وڌيڪ واهپيدار شامل نه ڪيا وڃن ۽ فيول سبسڊي کي ننڍين گاڏين تائين محدود رکيو وڃي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن جي اڄ پيٽروليم واري وزارت جي اختيارين سان ٻيهر ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ پيٽروليم واري وزير وفد جي قيادت ڪندو.
مشن سان ڳالهين دوران گئس جي ٽيرف ڍانچي ۽ گئس شعبي جي گردشي قرض بابت به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن اڄ نجڪاري واري وزارت جي اختيارين سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن دوران ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ لائن لاسز جا معاملا غور هيٺ ايندا، جڏهن ته آءِ ايم ايف مشن جا ايف بي آر سان ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
آءِ ايم ايف جو شوگر سيڪٽر ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ تي زور، سنڌ جو وفاقي پاليسي تي اعتراض
You might also like